اسلام آباد - 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بدعنواني جي خاتمي جي لاءِ حڪومتي قدمن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته مالي بدعنواني جي خلاف ٺوس قدم کڻڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اڄ اڱاري ڏينهن بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ پاڪستان عالمي دنيا سان هڪ آواز ٿي بدعنواني جي …
وزيراعظم پاران بدعنواني جي خاتمي جي لاءِ حڪومتي قدمن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ
اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بدعنواني جي خاتمي جي لاءِ حڪومتي قدمن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته مالي بدعنواني جي خلاف ٺوس قدم کڻڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اڄ اڱاري ڏينهن بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ پاڪستان عالمي دنيا سان هڪ آواز ٿي بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي بدعنواني کي ختم ڪرڻ جي لاءِ جاري قدمن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته 2025ع ۾ هي ڏينهن ”نوجوانن سان گڏجي بدعنواني جي خلاف: ايماندار، باعزت مستقبل جو بنياد“ جي عنوان تحت ملهايو پيو وڃي، اهو عنوان هر عمر جي آبادي جي شموليت سان ان بُرائي جو خاتمو ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته نوجوان اسان جو قيمتي اثاثو ۽ پرامن، خوشحال ۽ ترقي يافته مستقبل جي ضمانت آهن، جديد دور ۾ بدعنواني جي نوعيت ۽ طريقيڪار تيزي سان بدلجي رهيا آهن، ان لاءِ نوجوانن جي ان جي خاتمي ۾ شموليت سان ان لعنت کي موثر انداز ۾ ختم ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته مالي بدعنواني ملڪي ترقي، معاشرتي رُخن ۽ معيشت جي بنيادن کي ڪمزور ڪري ٿي ۽ عوامي اعتماد کي مجروح ڪري ٿي. بدعنواني جي خاتمي جو عالمي ڏينهن سڄي دنيا جي ماڻهن کي اهو موقعو به فراهم ڪري ٿو ته اهي بدعنواني جي خراب معاشرتي اثرن جي حوصلا شڪني ۽ بدعنواني کان پاڪ معاشرو جوڙڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪن. وزيراعظم چيو ته مالي بدعنواني نه رڳو ملڪي انتظاميا کي ڪمزور ڪري ٿي پر عوام جي روزاني جي زندگي، معاشرتي انصاف ۽ برابري، معاشي ترقي ۽ فلاحي رياست جي بنيادي اصولن کي پڻ متاثر ڪري ٿي. هن مالي بدعنواني جي خلاف ٺوس قدم کڻڻ کي حڪومت جي ترجيح قرار ڏيندي چيو ته ان ڏس ۾ قومي احتساب بيورو (نيب) ۽ سمورا لاڳاپيل ادارا ڀرپور طريقي ۽ وڏي محنت سان ڪارروائي ڪري رهيا آهن ته جيئن انتظامي، مالياتي ۽ اداراجاتي سميت هر سطح تي جوابدهي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن مالي بدعنواني جي خلاف قانوني ڪاررواين ۽ قومي وسيلن جي تحفظ جي لاءِ نيب جي ڪوششن کي ساراهه جوڳو قرار ڏيندي نوجوان نسل ۾ بدعنواني جي خاتمي بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ پڻ نيب جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته منظم مالي ڏوهن جي ڪري پنهنجي رقم کان محروم ٿيندڙ شهرين جي وقت سر دادرسيءَ سان به نيب تي عوام جو اعتماد وڌيڪ مستحڪم ٿيو آهي. هن چيو ته عالمي سطح تي پڻ پاڪستان ان معاشرتي بُرائي جي خاتمي جي لاءِ موثر حصيداري ڪري رهيو آهي. پاڪستان جو گڏيل قومن جي بدعنواني جي خاتمي بابت ڪنوينشن تحت مختلف ملڪن سان تعاون ۽ گڏيل قانوني مدد جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون عالمي حصيداري جو حصو آهن. هن چيو ته اڄ بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي وچن جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته اسان يڪجهتي، گڏيل مقصد ۽ شفاف، منصفاڻي ۽ خوشحال پاڪستان جي خواب جي تڪميل ۾ هر ممڪن قدم کڻنداسين ۽ وفاقي، صوبائي حڪومتن سميت پوري معاشري جي سطح تي هر طبقي ۽ اڳواڻن کي شامل ڪندي ان جي خلاف جدوجهد کي وڌيڪ موثر انداز ۾ جاري رکيو ويندو.












