وزيراعظم جي گڏيل عرب امارات جي قومي ڏينهن ”عيدالاتحاد“ تي اماراتي قيادت ۽ عوام کي دلي مبارڪباد، قابل تجديد توانائي، مصنوعي ذهانت، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ يو اي اي جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪنداسين: شهباز شريف

اسلام آباد - 08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته قابل تجديد توانائي، مصنوعي ذهانت، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ يو اي اي جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب امارات جي قومي ڏينهن ”عيدالاتحاد“ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خاص مهمان جي …

اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته قابل تجديد توانائي، مصنوعي ذهانت، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ يو اي اي جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل عرب امارات جي قومي ڏينهن ”عيدالاتحاد“ جي حوالي سان منعقد تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن، پارليامينٽ ميمبرن ۽ غيرملڪي سفارتڪارن جو وڏو انگ پڻ موجود هو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي اتحاد ڏهاڙي تي اماراتي قيادت ۽ عوام کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو ته يو اي اي جي قومي ڏينهن جي تقريب ۾ شرڪت سندس لاءِ اعزاز جوڳي آهي. وزيراعظم يو اي اي جي موجوده قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ان جي قيادت ۾ يو اي اي ترقي جون نيون منزلون طئي ڪيون ۽ ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف شيخ زيد بن سلطان النهيان کي امارات جي ترقي جو باني ۽ پاڪستان ۽ يو اي اي جي لاڳاپن جو معمار قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان کي يو اي اي سان اسٽريٽجڪ حصيداري تي فخر آهي. وزيراعظم چيو ته گڏيل عرب امارات پاڪستان جي معاشي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته قابل تجديد توانائي، مصنوعي ذهانت، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ يو اي اي جي سيڙپڪاري جي آجيان ڪنداسين. هن چيو ته 1.8 ملين پاڪستاني گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ايندڙ وقت ۾ ٻنهي ملڪن جي اسٽريٽجڪ حصيداري وڌيڪ مستحڪم  ٿيندي. هن يو اي اي جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو. ان کان اڳ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي سفير سالم محمد الزاعابي تقريب ۾ وزيراعظم جي آجيان ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جا 5 ڏهاڪن کان پراڻا ۽ گهرا ۽ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا  آهن، وقت سان گڏ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا آهن. هن پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري کي پرڪشش قرار ڏيندي چيو ته يو اي اي پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي، مصنوعي ذهانت، آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي. هن پاڪستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ هم آهنگي، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بعد ۾ وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي قومي ڏينهن جي مناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو.