اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ٽيڪس چوري خلاف ڀرپور ايڪشن کڻندي، جاري مالي سال دوران ٽيڪس وصولين ۾ 10.3 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، آءِ ايم ايف رپورٽ جي 15 سفارشن مان اڪثر سفارشن تي حڪومت پهريان کان ئي ڪم ڪري رهي آهي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ٽيڪس چوري ۽ محصولن ۾ گهٽتائيءَ جي حوالي سان …
حڪومت ٽيڪس چوري خلاف ڀرپور ايڪشن کڻندي، جاري مالي سال دوران ٽيڪس وصولين ۾ 10.3 سيڪڙو واڌ ٿي: ناڻي واري وفاقي وزير جو قومي اسيمبليءَ ۾ جواب
اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت ٽيڪس چوري خلاف ڀرپور ايڪشن کڻندي، جاري مالي سال دوران ٽيڪس وصولين ۾ 10.3 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، آءِ ايم ايف رپورٽ جي 15 سفارشن مان اڪثر سفارشن تي حڪومت پهريان کان ئي ڪم ڪري رهي آهي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ٽيڪس چوري ۽ محصولن ۾ گهٽتائيءَ جي حوالي سان سيد حفيظ الدين ۽ محمد جاويد حنيف جي ڌيان ڇِڪرايو نوٽيس تي ناڻي واري وفاقي وزير ايوان کي ٻُڌايو ته گذريل مالي سال دوران ايف بي آر جي محصولن جو ڳاڻيٽو 11.7 ٽريلين رپيا هو، جيڪو گذريل مالي سال ۾ حاصل ٿيل محصولن کان 2.5 ٽريلين رپيا وڌيڪ هو. گذريل سال ايف بي آر جي محصولن ۾ مجموعي طور تي 27 سيڪڙو واڌ ٿي هئي، گذريل مالي سال ۾ انڪم ٽيڪس ۾ 28 سيڪڙو، سيلز ٽيڪس 26 سيڪڙو، فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽيءَ ۾ 33 سيڪڙو ۽ ڪسٽم ڊيوٽي ۾ 16 سيڪڙو واڌ ٿي، تنهنڪري ڪنهن طريقي سان اهو نٿو چئي سگهجي ته اها ڪارڪردگي درست ناهي. اهڙيءَ طرح جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح ۾ ترتيبوار واڌ ٿي آهي. مالي سال 24-2023ع ۾ جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح 8.5 سيڪڙو هئي جيڪا گذريل مالي سال ۾ 10.3 سيڪڙو جي سطح تي آئي ۽ اميد آهي ته جاري مالي سال جي پڄاڻيءَ تي اها 11 سيڪڙو جي سطح تي پهچندي. ناڻي واري وزير چيو ته ٽيڪس جي نظام ۾ پپيلز، پراسيس ۽ ٽيڪنالاجي جي بنياد تي سڌارن جو جامع پروگرام جاري آهي، وزيراعظم هر هفتي پاڻ سڌارن جو جائزو وٺي ٿو، جاري مالي سال دوران ٽيڪس وصولين ۾ 10.3 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، ٽيڪس جي بنياد ۾ وسعت آندي پئي وڃي، جاري مالي سال دوران گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ 200 ارب رپيا وڌيڪ وصول ڪيا ويا، انڪم ٽيڪس ۾ 11 سيڪڙو، سيلز ٽيڪس ۾ 8.5 سيڪڙو، فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ 18.2 سيڪڙو ۽ ڪسٽم ڊيوٽي ۾ 1.2 سيڪڙو جي واڌ ٿي آهي، 4 لک ويجهو ريٽيلرز ۽ هول سيلرز پنهنجا ريٽرن جمع ڪرايا. ناڻي واري وزير چيو ته انفورسمينٽ ۽ تعميل ۾ بهتري آندي پئي وڃي، سيمنٽ ۽ کنڊ جي شعبي کي ترجيح ڏني وئي آهي، اهي ٻئي شعبا اهڙا آهن جتي پيداوار جي مصنوعي ذهانت سان نگراني ڪئي پئي وڃي، جاري مالي سال جي پهرين 5 مهينن ۾ کنڊ جي شعبي ۾ 7 ارب رپيا ۽ سيمنٽ جي شعبي ۾ 10 ارب رپين جا اضافي ٽيڪس حاصل ڪيا ويا آهن. شربت، ٽوبيڪو ۽ ٽيڪسٽائل جي شعبن تائين ان جو دائرو ڦهلايو پيو وڃي. هن چيو ته ٽيڪس چوري تي حڪومت ايڪشن کڻندي ۽ ان ۾ ٽيڪنالاجي کان مدد ورتي ويندي. ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ سڌارن جي عمل کي ساراهيو آهي، آءِ ايم ايف رپورٽ ۾ بهتر مالي ڪارڪردگي، فسڪل سرپلس، مهانگائي ۾ گهٽتائي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي، ڊجيٽلائيزيشن، اسٽيٽ بئنڪ، ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ سان پاڪستان جا خرچ ۽ ٻين حڪومتي قدمن جي تائيد ڪئي وئي آهي، آءِ ايف ايف ڪجهه ڍانچي جاتي ڪمزورين جو ذڪر ڪيو آهي ۽ اهي صرف پاڪستان جي حوالي سان ناهي پر انهن 22 ملڪن جي حوالي سان آهن جيڪي آءِ ايم ايف پروگرام ۾ شامل آهن. ناڻي واري وزير چيو ته ان رپورٽ ۾ 15 سفارشون آيون آهن جن تي حڪومت 31 ڊسمبر کان پهرين ايڪشن پلان ڏيندي، ان مان اڪثر سفارشن تي حڪومت پهرين ئي ڪم ڪري رهي آهي، ٽيڪس نظام، آڊٽ نظام ۽ ٻيا قدم ايف بي آر ۾ سڌارن جي عمل ۾ شامل آهن.












