اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ بجلي جي شعبي ۾ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ بنيادي سڌارن، سيڙپڪاري جي موقعن ۽ پاڪستان جي پائيدار توانائي جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ آمريڪي سهڪار تي ڌيان ڏنو …
وفاقي وزير سردار اويس احمد لغاري سان پاڪستان ۾ آمريڪي سفير جي ملاقات
اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري سان پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ بجلي جي شعبي ۾ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ بنيادي سڌارن، سيڙپڪاري جي موقعن ۽ پاڪستان جي پائيدار توانائي جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ آمريڪي سهڪار تي ڌيان ڏنو ويو. پاور ڊويزن واري وزارت طرفان جاري بيان موجب وفاقي وزير پاڪستان جي سڌارن واري ايجنڊا ۾ عالمي مالياتي ادارن جي اهم ڪردار تي روشني وڌي. هن سفير کي درخواست ڪئي ته هو آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ سميت آمريڪا سان لاڳاپيل گهڻ رُخي ادارن سان گڏجي بجلي جي شعبي جي پائيدار ترقيءَ ۾ موجود رڪاوٽن کي دُور ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري. هن چيو ته اهڙي سهڪار سان بنيادي سڌارا لاڳو ڪرڻ ۽ شعبي جي مجموعي ڪارڪردگي بهتر بنائڻ ۾ اهم مدد ملندي. تازو ئي شروع ڪيل سرپلس پاور پيڪيج تي به ڳالهيون ٿيون جيڪو صنعتن کي گهٽ قيمت تي بجلي فراهم ڪري معاشي سرگرمين کي تيز ڪرڻ لاءِ بڻايو ويو آهي. وفاقي وزير سفير کي ان قدمن بابت تفصيل ٻُڌايا ۽ درخواست ڪئي ته آمريڪا ان پيڪيج کي نئين صنعتن تائين پهچائڻ ۾ سهڪار ڪري جنهن سان وڌيڪ سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪري سگهبو ۽ صنعتي ترقيءَ ۾ واڌ ٿيندي. وفاقي وزير حڪومت طرفان بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين جي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ جي ڪوششن بابت پڻ ٻُڌايو. انهن ڪوششن ۾ فني ۽ واپاري نقصانن کي گهٽ ڪرڻ ۽ بجلي بلن جي وصولين ۾ بهتري آڻڻ جا منصوبا شامل آهن. سفير نيٽلي بيڪر بجلي جي وزارت جي سڌارن تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ ڊيٽا تي ٻَڌل قدمن ذريعي سرڪلر قرضن جي انتظام ۾ ٿيل اڳڀرائيءَ کي ساراهيو. وفاقي وزير آمريڪي سيڙپڪارن کي نجڪاري جي عمل ۾ حصو وٺڻ جي دعوت ڏني ۽ چيو ته پرائيويٽ شعبي جي شرڪت ڪارڪردگي ۽ خدمتن کي بهتر بنائڻ لاءِ ضروري آهي.












