حڪومت زرعي پيداوار ۾ واڌ لاءِ جامع قدم کڻي رهي آهي: رانا تنوير حسين

اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق بابت وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته زراعت ملڪي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، حڪومت زرعي پيداوار ۾ واڌ لاءِ جامع انداز ۾ قدم کڻي رهي آهي، پوسٽ هارويسٽ نقصانن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران سحر ڪامران ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ …

اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق بابت وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو آهي ته زراعت ملڪي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، حڪومت زرعي پيداوار ۾ واڌ لاءِ جامع انداز ۾ قدم کڻي رهي آهي، پوسٽ هارويسٽ نقصانن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدمن جو سلسلو جاري آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ سوالن جي وقفي دوران سحر ڪامران ۽ ٻين ميمبرن جي سوالن جي جواب ۾ وفاقي وزير ايوان کي ٻُڌايو ته پوسٽ هارويسٽ نقصانن کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم زرعي ترقياتي پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان سان نه صرف ڪٽائي کانپوءِ نقصانن ۾ گهٽتائي ايندي پر پيداوار ۾ واڌ ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ زرعي ٽيڪنالاجي کي ترقي ڏيڻ ضروري آهي، زرعي ميڪنائزيشن جو پوسٽ هارويسٽ نقصانن ۾ وڏو ڪردار آهي. هن چيو ته آبادگارن جي منافعي ۾ واڌ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اسان نئين ٽيڪنالاجي، ميڪنائزيشن، زرعي جديد ڪاري، ڪولڊ اسٽوريج ۽ ٻين سهولتن تي ڪم ڪري رهيا آهيون، صوبن ۾ اي ڊبليو آر شروع ڪيو ويو آهي، ان سان آبادگار چئن مهينن تائين پنهنجي پيداوار رکي ان کي مناسب وقت تي وِڪرو ڪرڻ جي قابل ٿيندو. هن چيو ته زراعت جي شعبي ۾ سڌارا آندا پيا وڃن، وزيراعظم زراعت ۽ غذائي تحفظ کي تمام وڏي اهميت ڏئي رهيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ آبادگارن کي زرعي مداخلت ۽ فصلن لاءِ قرضن جي فراهميءَ جا حڪم جاري ڪيا آهن. سنڌ حڪومت ۽ ٻيا صوبا آبادگارن کي سبسڊي ڏئي رهيا آهن. رانا محمد حيات جي سوال تي هن چيو ته گذريل سال ڪمند في مڻ 450 کان شروع ٿي 750 رپين تائين پهتو آهي، هن سال 400 کان شروع ٿيو ۽ هاڻ 500 کان 550 رپيا آهي. ان شعبي کي ڊي ريگيوليٽ ڪيو ويو آهي، حڪومت ان حوالي سان وقت سر مداخلت ڪئي آهي، گذريل سال 7 ملين ٽن کنڊ جي پيداوار جو هدف هو، پر موسمياتي عملن ۽ ٻين ڪارڻن سبب 5.8 ملين ٽن پيداوار حاصل ٿي ۽ اسان جي ضرورت 6.3 ملين ٽن آهي. ان باوجود 5 لک ٽن اضافي کنڊ فراهم ڪئي وئي آهي. رشيد اڪبر جي ضمني سوال تي هن چيو ته ڪمند کي گذريل سال ڊي ريگيوليٽ ڪيو ويو آهي، ان کان پهرين صوبا هڪ قيمت مقرر ڪندا آهن، اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته آبادگارن کي فصل جو مناسب معاوضو ملي سگهي، اهو صوبائي معاملو آهي پر ان باوجود اسان پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين. رسول بخش چانڊيو جي ضمني سوال تي هن چيو ته هن وقت ڪمند في مڻ 450 رپين کان 500 رپين ۽ 550 رپين تائين وِڪرو ٿي رهيو آهي. مان سنڌ ۽ پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ ڪين ڪمشنر سان ڳالهيون ڪندس. معين پيرزاده جي ضمني سوال تي هن چيو ته شوگر ايڊوائيزري بورڊ جو مينڊيٽ اسٽاڪ جي نگراني ڪرڻي آهي، شوگر ايڊوائيزري بورڊ جي رپورٽ تي حڪومت کنڊ جي آمدني واپار جو فيصلو ڪندي آهي، گذريل سال کنڊ جي روانگي واپار سان پاڪستان 400 ملين ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو حاصل ڪيو هو ۽ ان روانگي واپار تي حڪومت ڪا سبسڊي نه ڏني آهي. هن چيو ته وزيراعظم، وفاقي وزير جي قيادت ۾ ڪميٽي بڻائي هئي، ڪميٽي پنهنجي رپورٽ تيار ڪري پي ايم آفيس اُماڻي ڇڏي آهي.