مقرر وقت ۾ گيس جي پريشر کي بهتر رکيو وڃي: علي پرويز ملڪ

اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته مقرر وقت ۾ گيس جي پريشر کي بهتر رکيو وڃي ۽ انفرادي شڪايتن جو فوري ازالو ڪيو وڃي، صارفين کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو وڃي ۽ گهٽ پريشر سبب شڪايتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي هدايت تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس …

اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته مقرر وقت ۾ گيس جي پريشر کي بهتر رکيو وڃي ۽ انفرادي شڪايتن جو فوري ازالو ڪيو وڃي، صارفين کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو وڃي ۽ گهٽ پريشر سبب شڪايتن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي هدايت تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سياري جي موسم جي شروعات سان مجموعي گيس جي فراهمي جي صورتحال ۽ سوئي گيس ڪمپنين جي شڪايتن جي ازالي واري نظام جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو ورتو ويو. ايس اين جي پي ايل ۽ ايس ايس جي سي جي ايم ڊيز تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته هن سال گيس جي فراهمي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ واضح طور تي بهتر آهي ۽ گهريلو صارفين کي مجموعي گيس جي فراهميءَ ۾ اٽڪل 26 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. هن ٻُڌايو ته ٻنهي ڪمپنين صارفين جي شڪايتن کي ترجيحي بنيادن تي اُڪلائي رهي آهي. ان موقعي تي وفاقي وزير علي پرويز ملڪ بهتر ڪارڪردگيءَ کي ساراهيندي چيو ته سياسري جي موسم ۾ عوام جي کاڌي پچائڻ جي ضرورتن کي يقيني بنائڻ لاءِ مناسب قدم کنيا پيا وڃن. هن هدايت ڪئي ته مقرر وقتن ۾ گيس جي پريشر کي بهتر رکيو وڃي ۽ انفرادي شڪايتن جو فوري ازالو ڪيو وڃي ته جيئن صارفين کي ڪنهن قسم جي پريشاني کي مُنهن نه ڏيڻو پوي. بريفنگ دوران ايم ڊيز ٻُڌايو ته ڪمپلينٽ مئنجمينٽ سسٽم ۽ 1199 هيلپ لائن مڪمل طور تي فعال آهي ۽ ٻئي سوئي ڪمپنيون شڪايتن جي تيز نگراني ۽ حل لاءِ ڪنٽرول رومز، سچويشن رومز قائم ڪري چڪي آهي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ سڄي سياري جي موسم ۾ بنا رنڊڪ ۽ اثرائتي خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.