قومي اسيمبليءَ جي لائبريري ۾ ڪشمير ڪارنر قائم ڪيو ويو

اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي لائبريري ۾ ڪشمير ڪارنر قائم ڪيو ويو. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق قومي اسيمبليءَ جي لائبريري ۾ ڪشمير ڪارنر جو افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ ڪشمير ڪميٽيءَ جي چيئرمين رانا قاسم نون، پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير طارق فضل چوڌري ۽ ڪشميري اڳواڻ موجود هئا. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي، پاڪستان ڪشميرين …

اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي لائبريري ۾ ڪشمير ڪارنر قائم ڪيو ويو. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق قومي اسيمبليءَ جي لائبريري ۾ ڪشمير ڪارنر جو افتتاح ڪيو. افتتاحي تقريب ۾ ڪشمير ڪميٽيءَ جي چيئرمين رانا قاسم نون، پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير طارق فضل چوڌري ۽ ڪشميري اڳواڻ موجود هئا. ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شه رڳ آهي، پاڪستان ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستاني قوم جو مؤقف هڪجهڙو آهي، ڪشميري عوام جي خوداراديت واري حق جي حمايت جاري رکنداسين. اسپيڪر والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي جاري ڀڃڪڙين جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته ڀارتي ڏاڍ ڪشميري عوام جا حوصلا خطا نٿا ڪري سگهن، ڪشمير ڪارنر ۾ ڪشمير جي شهيدن جون ناياب تصويرون ۽ ڪشمير جي آزاديءَ جي جدوجهد جي تاريخي پسِ منظر تي ٻَڌل ڪتاب رکيا ويا آهن. ڪشمير جي آزادي واري جدوجهد بابت تاريخي دستاويز، ڪتب ۽ معلوماتي مواد پڻ رکيو ويو آهي. اسپيڪر چيو ته ڪشمير ڪارنر جو قيام ڪشمير مسئلي بابت آگاهي ۽ معلومات جي فراهمي ۾ اهم اڳڀرائي ثابت ٿيندو. ڪشمير گيلري پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ نوجوان نسل کي ڪشميري عوام جي آزاديءَ واري جدوجهد ۽ قربانين سان آگاهيءَ جو اثرائتو ذريعو ثابت ٿيندو. رانا محمد قاسم نون چيو ته ڪشمير ڪارنر جو قيام سٺو قدم آهي، ڪشمير ڪارنر جي قيام سان پارليامينٽيرينز ۽ محققن کي سٺي ڄاڻ تائين آسان پهچ حاصل ٿيندي. سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبلين جي لائبريرين ۾ به ڪشمير ڪارنر قائم ڪيا ويندا.