وزيراعظم پاران ترقياتي منصوبن جي مختلف مرحلن ۾ سڌارن جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت

اسلام آباد - 08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترقياتي منصوبن جي مختلف مرحلن ۾ سڌارن جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته قومي اهميت جي اهم منصوبن جي شفافيت سان گڏ وقت سر تڪميل حڪومت جي ترجيح آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي اسٽيڪ هولڊرز جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي صدارت پاڻ ڪندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ …

اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترقياتي منصوبن جي مختلف مرحلن ۾ سڌارن جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته قومي اهميت جي اهم منصوبن جي شفافيت سان گڏ وقت سر تڪميل حڪومت جي ترجيح آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي اسٽيڪ هولڊرز جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي صدارت پاڻ ڪندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ترقياتي منصوبن جي وقت سر تڪميل جي حوالي سان حڪمت عملي تي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي، عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽرز سميت لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪي. وزيراعظم ترقياتي منصوبن جي مختلف مرحلن ۾ سڌارن جي حوالي سان جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ سڌارن جي حوالي سان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي اسٽيڪ هولڊرز جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي صدارت هو پاڻ ڪندو. هن ترقياتي منصوبن جي حوالي سان سڌارن ۾ مدد تي حصيدارن، عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جا ٿورا مڃيا. اجلاس کي عالمي بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاران ترقياتي منصوبن جي وقت سر تڪميل جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ترقياتي منصوبن جي تڪميل کي پي ايس ڊي پي ۽ اي ڊي بي مقصدن ۽ امنگن سان هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي، وقت سر پروڪيورمنٽ نه ٿيڻ ترقياتي منصوبن ۾ دير جو بنيادي سبب آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اي – پروڪيورمنٽ ۽ پراجيڪٽ ريڊي نيس جي سهولتن جي فراهمي سان پروڪيورمنٽ کي تيز رفتار بڻائي سگهجي ٿو، ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۾ منظوري جا ڪيترائي مرحلا شامل ٿين ٿا جن کي آسان بڻائڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ سڌارن جي حوالي سان چار ورڪنگ گروپس ٺاهڻ جي تجويز غور هيٺ آئي، پهريون ورڪنگ گروپ ترقياتي منصوبن جي منظوري جي مرحلن ۽ تياري جي حوالي سان سڌارن تي ڪم ڪندو، ٻيو ورڪنگ گروپ پروڪيورمنٽ کي جديد ۽ شفاف رخن تي قائم ڪرڻ جي حوالي سان سڌارن تي ۽  ٽيون ورڪنگ گروپ منصوبن جي لاءِ زمين حاصل ڪرڻ ۽ ري – سيٽلمينٽ جي معاملن ۾ سڌارا آڻڻ جي حوالي سان هوندو جڏهن ته چوٿون ورڪنگ گروپ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان انساني وسيلن ۽ اسٽاف جي مقرري جي حوالي سان سڌارن تي ڪم ڪندو.