اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) معمول جي فوجي مشقن ۾ بار بار حادثن ڀارتي فوج جي دفاعي صلاحيت تي سوال اُٿاري ڇڏيا. ڀارتي فضائيه جي جهازن جي ناڪاميءَ کانپوءِ هاڻ ڀارتي فوجي ٽينڪ به ناڪارا نڪتا. ڀارتي رياست راجسٿان ۾ معمول جي فوجي مشقن دوران فوجي ٽينڪ انڌرا گانڌي ڍنڍ ۾ ٻُڏي وئي. حادثو بڪتربند ٽينڪ جي ڍنڍ پار ڪرڻ جي مشق دوران پيش آيو، جنهن ۾ هڪ فوجي …
پاڪستان کي جنگ جون ڀڀڪيون ڏيندڙ شڪست کاڌل ڀارتي فوج جو ناڪارا جنگي معيار بي نقاب

مزید خبریں
اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) معمول جي فوجي مشقن ۾ بار بار حادثن ڀارتي فوج جي دفاعي صلاحيت تي سوال اُٿاري ڇڏيا. ڀارتي فضائيه جي جهازن جي ناڪاميءَ کانپوءِ هاڻ ڀارتي فوجي ٽينڪ به ناڪارا نڪتا. ڀارتي رياست راجسٿان ۾ معمول جي فوجي مشقن دوران فوجي ٽينڪ انڌرا گانڌي ڍنڍ ۾ ٻُڏي وئي. حادثو بڪتربند ٽينڪ جي ڍنڍ پار ڪرڻ جي مشق دوران پيش آيو، جنهن ۾ هڪ فوجي اهلڪار فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا. ڀارت ۾ فوجي مشقن دوران پيش آيل هي پهريون حادثو ناهي. جون 2024ع ۾ لداخ جي علائقي ۾ به درياهه پار ڪرڻ دوران فوجي ٽينڪ ٻُڏڻ سبب 5 اهلڪار ٻُڏي فوت ٿي چڪا هئا. آڪٽوبر 2022ع ۾ پڻ فائرنگ جي مشق دوران ٽينڪ جي بيرل ڦاٽڻ سان 2 اهلڪار فوت ۽ هڪ زخمي ٿيو هو. ڀارت ۾ فوجي مشقن يا تربيت دوران حفاظتي قدمن ۽ پيشيوراڻي مهارت جو سخت فقدان رهيو آهي. ڀارتي فوج جي هٿ ٺوڪي جنگي تربيت تي سوال، معمولي ڍنڍ پار نه ڪري سگهندڙ ٽينڪ ڇا جنگي حالتن ۾ ڪارگر ثابت ٿي سگهن ٿا؟ ڀارتي فوجي اهلڪارن جي فوتگين سان مودي ۽ ان جي فوج جي تربيتي خامين جو پڙدو فاش ٿي چڪو آهي.











