اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي ڊاڪٽرن جي اعليٰ سطحي وفد پارليامينٽ هائوس جو دؤرو ڪيو ۽ سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان سان اهم ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سينيٽر رانا محمود الحسن، سينيٽر حاجي هدايت الله خان، سينيٽر جان محمد بليدي ۽ سينيٽ سيڪريٽري سيد حسنين حيدر وفد جي آجيان ڪئي. ملاقات دوران وقتي چيئرمين وفد جي دؤري کي پاڪ- آمريڪا دوستي، گڏيل احترام ۽ سهڪار جو …
آمريڪي ڊاڪٽرن جي اعليٰ سطحي وفد جو پارليامينٽ هائوس جو دؤرو، سينيٽ جي وقتي چيئرمين سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي ڊاڪٽرن جي اعليٰ سطحي وفد پارليامينٽ هائوس جو دؤرو ڪيو ۽ سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان سان اهم ملاقات ڪئي. ان موقعي تي سينيٽر رانا محمود الحسن، سينيٽر حاجي هدايت الله خان، سينيٽر جان محمد بليدي ۽ سينيٽ سيڪريٽري سيد حسنين حيدر وفد جي آجيان ڪئي. ملاقات دوران وقتي چيئرمين وفد جي دؤري کي پاڪ- آمريڪا دوستي، گڏيل احترام ۽ سهڪار جو روشن مثال قرار ڏنو. هن چيو ته صحت جو شعبو هڪ اهڙو ميدان آهي، جيڪو عالمي سهڪار رکندڙ آهي ۽ طبي ڄاڻ ۽ تجربن جي مٽاسٽا معاشرن جي بهتريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. سيدال خان چيو ته پاڪستان خاص ڪري بلوچستان ۾ صحت ۽ تعليم جي شعبن ۾ ترقيءَ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهيو آهي ۽ آمريڪي ڊاڪٽرن جون خدمتون ان سلسلي ۾ نهايت معاون ثابت ٿي سگهن ٿيون. هن وفد کي بلوچستان ۾ صحت ۽ تعليم جي رٿائن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي ترغيب پڻ ڏني. ملاقات ۾ اوورسيز پاڪستاني ڊاڪٽرن جي ڪردار کي ساراهيندي وقتي چيئرمين چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني هر شعبي ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن جڏهن ته پاڪ- آمريڪا طبي سهڪار هاڻ تائين هزارين انساني جانيون بچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ عوام جي صحت ۽ سلامتيءَ بابت پاليسين جو بنيادي مرڪز آهي ۽ عالمي صحت جا چئلينجز صرف گڏيل حڪمت عملي سان ئي حل ٿي سگهن ٿا. سيدال خان چيو ته وبائي مرض ڪنهن سرحد جون محتاج ناهن، ان لاءِ عالمي سهڪار اڻٽر ٿي چڪو آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان طبي تعليم ۽ تحقيق کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ اهڙا دؤرا مستقبل ۾ گڏيل سهڪار جا نوان دروازا کوليندا. وقتي چيئرمين آمريڪي وفد جو شڪريو ادا ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته هي دؤرو ٻنهي ملڪن وچ ۾ طبي، تعليمي ۽ انساني فلاح ۽ بهبود جي شعبن ۾ ناتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو.











