اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران معاملن واري وفاقي وزير انجينئر امير مقام سان نادرا خيبر پختونخوا جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ ڪي پي ڪي، جي چيف آپريٽنگ آفيسر وزارت ۾ ملاقات ڪئي. جاري بيان مطابق ملاقات دوران مختلف جاري ۽ نون منصوبن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير انجينئر امير مقام، نادرا ميگا سينٽر سوات تي فوري طور تي ڪم شروع ڪرڻ …
وفاقي وزير انجينئر امير مقام سان نادرا خيبر پختونخوا جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ چيف آپريٽنگ آفيسر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران معاملن واري وفاقي وزير انجينئر امير مقام سان نادرا خيبر پختونخوا جي ڊائريڪٽر جنرل ۽ ڪي پي ڪي، جي چيف آپريٽنگ آفيسر وزارت ۾ ملاقات ڪئي. جاري بيان مطابق ملاقات دوران مختلف جاري ۽ نون منصوبن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير انجينئر امير مقام، نادرا ميگا سينٽر سوات تي فوري طور تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزير شاهه پور، دندئي، ڪروڙا، الندر ۽ تورڊهير صوابي ۾ نادرا مرڪز لاءِ موزون عمارتن تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. شهرين جي سهولت لاءِ خالي آسامين کي فوري تي ڀرڻ جا حڪم به جاري ڪيا ويا. انجينئر امير مقام اپر دير ۾ اخگرام، صاحب آباد ۽ سوات ۾ ڪوڪارئي، تليگرام ۽ شانگله ۾ ليلون، پشلوڙ ۽ ڪابلگرام ۾ نئين نادرا مرڪلز قائم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي ته جئين عوام کي سڃاڻپ ڪارڊ خدمتن تائين آسان پهچ فراهم ڪري سگهجي.











