ڪوالالمپور/ اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ملائيشيا جي سينيٽ جي صدر سينيٽر داتو اوانگ بيمي بن اوانگ علي باسه سان ڪوالالمپور ۾ اهم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ پارلياماني، سفارتي، معاشي، تاريخي ۽ ڀائپي وارن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. سينيٽ چيئرمين نومبر ۾ ملائيشيا جي پارلياماني وفد جي اسلام آباد جي دوري تي ٿورو …
سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني جي ملائيشيا جي سينيٽ جي صدر سان اهم ملاقات

مزید خبریں
ڪوالالمپور/ اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ملائيشيا جي سينيٽ جي صدر سينيٽر داتو اوانگ بيمي بن اوانگ علي باسه سان ڪوالالمپور ۾ اهم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ پارلياماني، سفارتي، معاشي، تاريخي ۽ ڀائپي وارن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. سينيٽ چيئرمين نومبر ۾ ملائيشيا جي پارلياماني وفد جي اسلام آباد جي دوري تي ٿورو مڃيندي چيو ته پاڪستان ملائيشيا سان سمورن شعبن ۾ سهڪار کي وسعت ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن جي مضبوط جمهوري روايتن کي ساراهيو ۽ پارلياماني قيادت وچ ۾ رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي ٻنهي ايوانن ۾ ملائيشيا لاءِ پارلياماني فرينڊشپ گروپس قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته ملائيشيا طرفان ڏکڻ ايشيا لاءِ پارلياماني فرينڊشپ گروپس جي قيام جي به آجيان ڪيون ٿا. هن آسيان پارلياماني اسيمبلي ۾ پاڪستان کي مبصر جو درجو ڏيارڻ ۾ ملائيشيا جي حمايت تي خاص ٿورو مڃيو. سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ دوران امداد تي ملائيشيا جي حڪومت جو ٿورو مڃيو ۽ چيو ته گذريل سال ملائيشيا ۾ ٻوڏ دوران پاڪستان به امدادي سامان فراهم ڪيو هو جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل همدردي ۽ سهڪار جو عملي مثال آهي. سياسي سهڪار تي ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين بدلجندڙ عالمي ۽ علائقائي حالتن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ ويجهن رابطن جي ضرورت تي زور ڀريو. هن وزيراعظم شهباز شريف جي تازو ئي ملائيشيا جي دوري ۽ گذريل سال ملائيشيا جي وزيراعظم داتو سري انور ابراهيم جي پاڪستان جي دوري کي ٻه طرفن لاڳاپن لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو. هن آسيان جي چيئرمين شپ تي ملائيشيا جي قيادت کي ساراهيندي ڪوالالمپور ۾ منعقد 47 هين آسيان سمٽ جي ڪاميابي تي مبارڪ ڏني ۽ آسيان سان پاڪستان جي فل ڊائيلاگ پارٽنر شپ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ملائيشيا جي حمايت تي ٿورو مڃيو. اقتصادي سهڪار جي حوالي سان سينيٽ چيئرمين پاڪستان ۾ ملائيشين سيڙپڪاري کي ساراهيندي اسپيشل اڪنامڪ زونز ۽ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل تحت ڏني ويندڙ سهولتن کان آگاهه ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ملائيشين سيڙپڪار ان موقعي مان وڌيڪ فائدو کڻندا. هن چيو ته پاڪستاني افرادي سگهه سڄي دنيا ۾ محنت، ديانتداري ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن سبب سڃاتي ويندي ۽ پاڪستان ملائيشيا جي افرادي سگهه جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ تيار آهي. علائقائي معاملن تي ڳالهائيندي سينيٽ چيئرمين فلسطيني عوام جي حقن ۽ خاص ڪري غزه ۾ جاري انساني بحران کي نظر ۾ رکندي ملائيشيا جي اصولي ۽ مستقل مؤقف کي ساراهيو. افغانستان جي حوالي سان هن پاڪستان جي پاليسيءَ جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان هڪ پُرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان جو حامي آهي، جڏهن ته افغان ڌرتيءَ تي پاڪستان مخالف دهشتگرد گروهن جي موجودگيءَ تي گهري ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ افغان عارضي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هو انهن عنصرن خلاف ٺوس قدم کڻي. ڀارت ۽ والاريل ڄمون ڪشمير جي حوالي سان هن ڀارتي جارحاڻن بيانن ۽ قدمن کي خطي جي امن لاءِ خطرو قرار ڏنو. هن چيو ته 2019ع کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ۽ آباديءَ جي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي پاليسي جاري اهي، جڏهن ته اپريل 2025ع تي سنڌ طاس معاهدي جي هڪ طرفي معطليءَ کي قانوني طور تي بي بنياد قدم قرار ڏنو. هن 6 ۽ 7 مئي 25ع تي ڀارت جي مبينه جارحيت جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان آپريشن بنيان المرصوص ذريعي پنهنجي خودمختياريءَ جي دفاع جي عزم جو واضح اظهار ڪيو ۽ـ عالمي برادريءَ کان مطالبو ڪيو ته هو خطي ۾ ڇڪتاڻ ڪرائڻ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري. سينيٽ چيئرمين پاڪستان جي علائقائي استحڪام ۽ پُرامن گڏيل بقا جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياريءَ جي دفاع لاءِ هميشه تيار آهي جڏهن ته پاڪستان ڳالهين ۽ تعميري سفارتڪاري تي يقين رکي ٿو.











