اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته بهتر تعميل، وڌيڪ شفافيت ۽ اثرائتو ٽيڪس نظام پاڪستان جي معاشي بحالي جا مرڪزي ٿنڀ آهن، حڪومت جدت، رسمي معيشت ۽ ذميداراڻي ترقيءَ جي حوصله افزائيءَ تي ٻَڌل ڪاروباري ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه نيسلي پاڪستان جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهين دوران چئي. ناڻي واري وزير چيو …
حڪومت جدت، رسمي معيشت ۽ ذميداراڻي ترقيءَ جي حوصله افزائيءَ تي ٻَڌل ڪاروباري ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

مزید خبریں
اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته بهتر تعميل، وڌيڪ شفافيت ۽ اثرائتو ٽيڪس نظام پاڪستان جي معاشي بحالي جا مرڪزي ٿنڀ آهن، حڪومت جدت، رسمي معيشت ۽ ذميداراڻي ترقيءَ جي حوصله افزائيءَ تي ٻَڌل ڪاروباري ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه نيسلي پاڪستان جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهين دوران چئي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت رسمي معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۽ ذميدار ۽ ڊگهي مُدي واري سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي، ناڻي واري وزير غير رسمي شعبي تي ڪَڙي نگراني جي حڪومتي عزم تي زور ڀريندي چيو ته ان حوالي سان شروع ڪيل ڪوششن جي ڪيترن ئي صنعتن ۾ واضح نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. بهتر تعميل، وڌيڪ شفافيت ۽ اثرائتو ٽيڪس نظام پاڪستان جي معاشي بحالي جا مرڪزي ٿنڀ آهن. ناڻي واري وزير چيو ته ناڻي واري وزارت ۾ ٽيڪس پاليسي آفس جو قيام ڍانچه جاتي سڌارن جي حوالي سان هڪ وڏو قدم آهي، ان سان نجي شعبي سان سڄو سال رابطي جي سهولت ميسر ايندي ۽ ان جي نتيجي ۾ پاليسيءَ ۾ بهتري ۽ ايندڙ بجيٽ کان اڳ اثرائتي مشاورتي عملدرآمد کي ممڪن بڻائي سگهبو. نيسلي پاڪستان جي وفد جي قيادت چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جيسن ايون سينا ڪري رهيو هو، جڏهن ته چيف فنانشل آفيسر مقصود احمد انجم ۽ هيڊ آف ڪارپوريٽ افيئرز اينڊ سسٽين ايبلٽي شيخ وقار احمد پڻ ساڻس گڏ هو. وفد ناڻي واري وزير کي پاڪستان سان نيسلي جي پُراڻن ناتن مستقبل جي توسيعي منصوبا بندي کان آگاهه ڪيو. چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڪمپني جي ڪاروباري مضبوطيءَ جو جائزو پيش ڪندي ٻُڌايو ته نيسلي مقاميت، پورٽ فوليو ايڊجسٽمينٽ، جديد آٽوميشن، ڪارڪردگيءَ ۾ بهتري ۽ شين ۾ مسلسل جدت ذريعي پنهنجي آپريشنز کي مستحڪم ڪيو آهي. هن ٽيڪنالاجيءَ تي ٻَڌل مينيوفيڪچرنگ ۾ نيسلي پاڪستان جي نمايان اڳڀرائي کي اجاگر ڪيو ۽ ٻُڌايو ته شيخوپوره ۽ خانيوال جون فيڪٽريون مڪمل طور تي پاڻڀرو ۽ عالمي ڊائيگناسٽڪ نظام سان ڳنڍيل آهن، جن سان پاڪستان ۾ نيسلي جا آپريشنز عالمي معيارن جي تنصيبن جي برابر ٿي ويا آهن. هن چيو ته ڪمپنيءَ ۾ پائيداري، زرعي خدمتن جي تبديلي، پيداواري صلاحيت ۾ واڌ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال لاءِ جاري ۽ ايندڙ سيڙپڪاريءَ تي ڪم ٿي رهيو آهي، نيسلي شمسي ۽ بائيو ماس توانائيءَ جي نظام، ڊجيٽل ڊيش بورڊز، ماحول دوست پيڪيجنگ ۽ سپلاءِ چين جي آٽوميشن تي عمل ڪري رهي آهي جنهن سان خرچن ۽ گرين هائوس گيسن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ ڪمپنيءَ جي ڊگهي مُدي چٽاڀيٽي وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي. وفد ٻُڌايو ته مقامي ويليو ڪريئيشن کي هٿي ڏيڻ جي وسيع تر عمل تحت نيسلي جي لوڪلائزيشن جي ڪوششن ڪمپنيءَ جي مضبوطيءَ کي واضح طور تي وڌايو آهي. لڳاتار ڪوششن ذريعي خام مال جي مقامي خريد ۽ پراڊڪٽ پورٽ فوليو جي نئين سر جوڙجڪ جي نتيجي ۾ نيسلي پاڪستان پوئين ٽن سالن ۾ آمدني واپار جي ڳاڻيٽي کي تقريبن اڌ تائين گهٽ ڪيو آهي، پهرين آمدني واپار تقريبن 150 ملين ڊالر هو جيڪو هاڻ 76 کان 80 ملين ڊالرن جي وچ ۾ آهي. ناڻي واري وزير مقامي وسيلن تي ڀاڙڻ جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته حڪومت جو ارادو آهي ته خوراڪ ۽ شربتن جي شعبي ۾ وڌيڪ رسمي معيشت ۽ ٽيڪس جي منصفاڻي نظام کي هٿي وٺرائي وڃي. ناڻي واري وزير نيسلي پاڪستان طرفان ناڻي وزارت جي ٽيڪس پاليسي آفيس سان امڪاني سڌارن تي ڪم ڪرڻ لاءِ راضپي جي آجيان ڪندي چيو ته ان سان ٽيڪس وصولي بهتر ٿيندي، شعبه جاتي بي ضابطگيون گهٽ ٿينديون ۽ عوامي مفاد جي هدف برقرار رکندي مقامي مينيوفيڪچرنگ کي هٿي ملي سگهندي. وفد ڪمپنيءَ جي روانگي واپار جو به ذڪر ڪيو جنهن ۾ آمريڪا، ڪئنيڊا، نار ملڪن ۽ برطانيه جهڙيون منڊيون شامل آهن، وفد علائقائي واپار خاص ڪري افغان ٽريڊ بابت چئلينجن کان آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير وچ ايشيائي ملڪن تائين رسائي لاءِ لاجسٽڪ پارٽنرشپس جي امڪانن تي غور ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ خاطري ڏياري ته حڪومت روانگي واپار جي صنعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. نيسلي ايندڙ سالن ۾ پائيداري، زرعي تبديلي، آٽوميشن ۽ ڊيري غذائيت ۾ پيداوار وڌائڻ جي منصوبن جي روشنيءَ ۾ وفد عالمي سطح تي انهن منصوبن جي اعلان جي خواهش جو اظهار ڪيو. عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جو حوالو ڏيندي هن ٻُڌايو ته نيسلي جي عالمي قيادت، جنهن ۾ زون ايشيا، اوشيانا ۽ آفريقا جي ايگزيڪيوٽو وائيس پريزيڊنٽ ريمي ايجل به شامل آهن، ان اجلاس ۾ شرڪت جو ارادو رکن ٿا ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات جا خواهشمند آهن. اهڙيون ملاقاتون نيسلي جي سيڙپڪاري ترجيحن کي تفصيل سان پيش ڪرڻ ۽ پائيداري سان جڙيل فوڊ سائنس، جديد مينيوفيڪچرنگ ۽ ويليو ايڊيڊ نيوٽريشن جي شعبن ۾ پاڪستان جي صلاحيت اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي. ناڻي واري تجويز جي آجيان ڪئي ۽ ٻُڌايو ته وزيراعظم جي ڊيووس ۾ شرڪت جي اطلاع عالمي اقتصادي فورم کي ڏني وئي آهي ۽ حڪومت ان ملاقات ۾ سهولت فراهم ڪندي. ناڻي واري وزير چيو ته نيسلي پاڪستان ملڪ جي سڀ کان نمايان گهڻ قومي سيڙپڪارن ۾ مان هڪ آهي ۽ حڪومت جدت، رسمي معيشت ۽ ذميداراڻي ترقيءَ جي حوصله افزائي تي ٻَڌل ڪاروباري ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته نيسلي پاڪستان ۽ ٽيڪس پاليسي آفيس وچ ۾ ڳالهيون جاري رهنديون ته جيئن پاليسي جن اهڙن آپشنز تي وقت سر هم آهنگي قائم ڪري سگهجي جيڪا ملڪي صنعت کي مضبوط بنائڻ، پائيداري هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ ۽ پاڪستان جي علائقائي ۽ عالمي مارڪيٽن ۾ پوزيشن بهتر بنائڻ ۾ مددگار ثابت ٿين.











