سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان فلپائن جي سفير ايمنيوئل آر فرنانڊ جي ملاقات

ڪراچي-08 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي گونر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته ڊجيٽل ٽرانسفارميشن ۽ مصنوعي ذهانت مستقبل جا معاشي ۽ تعليمي موقعا وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. پاڪستان ۽ فلپائن وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار سان آءِ ٽي جي شعبي ۾ جدت ۽ نوان رستا کلي سگهن ٿا. اهڙو اظهار هن گورنر هائوس ڪراچي ۾ فلپائن جي سفير ايمنيوئل آر فرنانڊ سان ملاقات دوران …

ڪراچي-08 ڊسمبر (اي پي پي) سنڌ جي گونر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته ڊجيٽل ٽرانسفارميشن ۽ مصنوعي ذهانت مستقبل جا معاشي ۽ تعليمي موقعا وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. پاڪستان ۽ فلپائن وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار سان آءِ ٽي جي شعبي ۾ جدت ۽ نوان رستا کلي سگهن ٿا. اهڙو اظهار هن گورنر هائوس ڪراچي ۾ فلپائن جي سفير ايمنيوئل آر فرنانڊ سان ملاقات دوران ڪيو. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ سيڙپڪاري، واپار کي هٿي وٺائڻ، آءِ ٽي انڊسٽري جي مضبوطي ۽ ڊجيٽلائيزيشن جي عمل کي تيز بنائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. فلپائن جي سفير گورنر جي آءِ ٽي ڪورسز لاءِ شروع ڪيل فلاحي ۽ انقلابي قدمن جي واکاڻ ڪندي چيو ته اهڙي قسم جا قدم نوجوانن لاءِ روشن مستقبل جي ضمانت آهي. هن مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر به قلمبند ڪيا.بعد ۾ سفير آءِ ٽي مارڪي جو دورو به ڪيو، جتي 50 هزار نوجوانن کي بنا معاوضي جديد آءِ ٽي تعليم فراهم ڪئي پئي وڃي. ان موقعي تي اعزازي قونصل جرنل ڊاڪٽر محمد عمران يوسف به موجود هو.

مزید خبریں