نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ او آءِ سي جي  عورتن بابت وزارتي ڪانفرنس جي سلسلي ۾ اجلاس

اسلام آباد - 08 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ 2026ع ۾ پاڪستان جي ميزباني ۾ منعقد ٿيندڙ ”نائين اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) عورتن بابت وزارتي ڪانفرنس“ جي سلسلي ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير او آءِ سي سيڪريٽريٽ …

اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ 2026ع ۾ پاڪستان جي ميزباني ۾ منعقد ٿيندڙ ”نائين اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) عورتن بابت وزارتي ڪانفرنس“ جي سلسلي ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير او آءِ سي سيڪريٽريٽ ۽ لاڳاپيل وزارتن سان گهري رابطي جي ذريعي ڪانفرنس جي ڪامياب انعقاد جي اهميت تي زور ڏنو. هن صنفي برابري جي فروغ ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ پاڪستان جي فعال ڪردار کي اجاگر ڪيو ۽ ٻڌايو ته ايندڙ ڪانفرنس او آءِ سي جي فريم ورڪ جي اندر ۽ ان کان ٻاهر عورتن جي مسئلن جي حل تي اڳڀرائي جي سلسلي ۾ پاڪستان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيليڪام وارن وفاقي وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ، ڪابينا ڊويزن، مذهبي معاملن، انساني حقن وارن سيڪريٽرين، او آءِ سي ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي ۽ پرڏيهي وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي ميمبرن شرڪت ڪئي.