اسلام آباد - 08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي صحت جي شعبي جي ترقي تي آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄاون ڊاڪٽرن کيس خراج تحسين پيش ڪندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄائي ڊاڪٽرن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ ڊاڪٽر سمير شفيع …
وزيراعظم سان آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄاون ڊاڪٽرن جي وفد جي ملاقات
اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان جي صحت جي شعبي جي ترقي تي آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄاون ڊاڪٽرن کيس خراج تحسين پيش ڪندي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني ڄائي ڊاڪٽرن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ ڊاڪٽر سمير شفيع جي قيادت ۾ ڊاڪٽر جواد شاهه، ڊاڪٽر تجمل حسين، ڊاڪٽر نعمان حيدر ۽ ناليواري سماجي شخصيت راڻا زاهد امير شامل هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام جو چيئرمين راڻا مشهود احمد خان ۽ ڊاڪٽر سعيد اختر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم اقتصادي معاملن واري ڊويزن کي پاڪستان جي طب جي شعبي ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني فزيشنز پاران سيڙپڪاري جي حوالي سان مسئلن جي خاتمي ۽ ڊاڪٽرن جي وفد سان گڏجي پاڪستان جي صحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جو هڪ عمل جوڳو روڊ ميپ ٺاهي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.












