اسلام آباد - 08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو جي پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري تي آجيان ڪندي چيو آهي ته سندس استقبال ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جوڳو آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا گڏيل احترام ۽ يڪجهتي تي ٻڌل دوستي، گڏيل تاريخ ۽ گهري ثقافتي ويجهڙائپ جي مضبوط رشتن ۾ ٻڌل آهن. هن چيو ته …
انڊونيشيا جي صدر جو استقبال ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جوڳو آهي: وزيراعظم شهباز شريف
اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو جي پاڪستان جي پهرين سرڪاري دوري تي آجيان ڪندي چيو آهي ته سندس استقبال ڪرڻ منهنجي لاءِ اعزاز جوڳو آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا گڏيل احترام ۽ يڪجهتي تي ٻڌل دوستي، گڏيل تاريخ ۽ گهري ثقافتي ويجهڙائپ جي مضبوط رشتن ۾ ٻڌل آهن. هن چيو ته انڊونيشيا جي صدر جي دوري دوران اسان بامعنيٰ رابطن ۽ ملاقاتن جا منتظر آهيون ۽ ان جي ذريعي اسان پنهنجي پراڻي حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪنداسين.












