اسلام آباد - 08 ڊسمبر (اي پي پي) انڊونيشيا جو صدر پرابوو سوبيانتو پاڪستان جي 2 ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف نور خان ايئربيس تي سندس شاندار استقبال ڪيو، وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار پڻ انڊونيشيا جي صدر جي استقبال لاءِ موجود هئا. انڊونيشيا جو صدر جهاز کان ٻاهر آيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ …
انڊونيشيا جو صدر پرابوو سوبيانتو پاڪستان جي 2 ڏينهن جي دوري تي پهچي ويو، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز سندس استقبال ڪيو
اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) انڊونيشيا جو صدر پرابوو سوبيانتو پاڪستان جي 2 ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو، صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف نور خان ايئربيس تي سندس شاندار استقبال ڪيو، وفاقي ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار پڻ انڊونيشيا جي صدر جي استقبال لاءِ موجود هئا. انڊونيشيا جو صدر جهاز کان ٻاهر آيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ساڻس هٿ ملايو. روايتي لباس پهريل ٻارن انڊونيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو کي گلدستو پيش ڪيو. انڊونيشيا جي صدر جي ان موقعي تي صدر ۽ وزيراعظم سان خوشگوار جملن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي ملڪن جا جهنڊا پڪڙيل ٻار معزز مهمان کي ڀليڪار ڪيو. انڊونيشيا جي صدر کي 21 توپن جي سلامي پڻ ڏني وئي. انڊونيشيا جي صدر کي وزيراعظم محمد شهباز شريف دوري جي دعوت ڏني هئي. صدر پرابوو سوبيانتو جو پاڪستان جو پهريون دورو آهي. انڊونيشيا مان آخري صدارتي دورو 2018ع ۾ صدر جوڪو ويدودو ڪيو هو. هي دورو ان لحاظ کان به خصوصي اهميت رکي ٿو ته هن سال پاڪستان ۽ انڊونيشيا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي. پنهنجي قيام دوران صدر پرابوو سوبيانتو وزيراعظم سان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ صدر آصف علي زرداري سان پن ملاقات ڪندو. دوري دوران ٻئي ملڪ واپار، سيڙپڪاري، دفاع، صحت، آءِ ٽي، موسمياتي تبديلي، تعليم، ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح تي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي جامع خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پاڪستان ۽ انڊونيشيا ويجها، خوشگوار ۽ پراڻا لاڳاپا رکندڙ آهن جيڪي گڏيل قدرن ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. صدر پرابوو سوبيانتو جو هي دورو ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي سگهه ڏيڻ جو اهم موقعو فراهم ڪندو، جيڪو ٻنهي ملڪن جي حصيداري جي مسلسل فروغ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.












