اسلام آباد - 08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عابد شير علي کي سينيٽ ۾ بنا مقابلي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عابد شير علي پارٽي جو سرگرم اڳواڻ آهي ۽ هن گذريل دورن ۾ عوامي خدمتن سان پنهنجو نالو ٺاهيو. هن چيو ته الله تعاليٰ جي …
وزيراعظم شهباز شريف پاران عابد شير علي کي سينيٽ ۾ بنا مقابلي ڪاميابي تي مبارڪبون
اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عابد شير علي کي سينيٽ ۾ بنا مقابلي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عابد شير علي پارٽي جو سرگرم اڳواڻ آهي ۽ هن گذريل دورن ۾ عوامي خدمتن سان پنهنجو نالو ٺاهيو. هن چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان مسلم ليگ (ن) کي عوامي خدمت جي ڪري هر محاذ تي فتح نصيب ٿي رهي آهي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته عابد شير علي بطور سينيٽر قائد ميان محمد نواز شريف جي لازوال قيادت ۾ ملڪي تعمير ۽ ترقي ۽ عوامي خدمت جي حوالي سان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.












