راولپنڊي - 08 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته قوم هٿياربند فوج، سپهه سالار ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي، پاڪ فوج جي خلاف پروپئگنڊه اصل ۾ دشمن جي بيانيي جي سگهه آهي، پاڪ فوج جي قربانين کي تڪراري بڻائڻ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو …
قوم هٿياربند فوج، سپهه سالار ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي: بئريسٽر دانيال چوڌري
راولپنڊي – 08 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري بئريسٽر دانيال چوڌري چيو آهي ته قوم هٿياربند فوج، سپهه سالار ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي، پاڪ فوج جي خلاف پروپئگنڊه اصل ۾ دشمن جي بيانيي جي سگهه آهي، پاڪ فوج جي قربانين کي تڪراري بڻائڻ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ ڪڍي ويندڙ ريلي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ملڪ ۾ بي بنياد بيانيو ۽ انتشار ڦهلائڻ جون ڪوششون قومي سلامتي جي لاءِ نقصانڪار آهن. هن چيو ته پاڪ فوج جي خلاف منفي مهم هلائيندڙ عنصر اصل ۾ دشمن قوتن جو بيانيو اڳتي وڌائي رهيا آهن. هن چيو ته دهشتگردن سان ڪنهن به سطح تي ڳالهه ٻولهه ممڪن نه آهي ۽ نه ئي رياست ان جي اجازت ڏئي سگهي ٿي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته هڪ مخصوص پارٽي دهشتگردن سان هوٽلن ۾ ڳالهه ٻولهه جي تجويز ڏئي رهي آهي، جيڪو قومي مفاد ۽ قومي سلامتي جي گهرجن جي ابتڙ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ان جي دشمنن جي وچ ۾ مضبوط ڀت پاڪ فوج آهي ۽ هٿياربند فوج جي قربانين جو مذاق اڏائيندڙن جي لاءِ هن ملڪ ۾ ڪا به جڳهه نه آهي. هن چيو ته ڀارتي ميڊيا پاڪستان مخالف بيانين کي غيرمعمولي نمايان ڪري ٿي، جنهن جو مقصد پاڪستان جي عالمي سطح تي بهتر ٿيندڙ ساک کي نقصان پهچائڻ آهي. بئريسٽر دانيال چوڌري چيو ته پاڪستان اڄ اڪيلائپ مان نڪري عالمي سطح تي احترام حاصل ڪري چڪو آهي. اسان جي دشمنن کي پاڪستان جي اها پذيرائي هضم نٿي ٿئي، هن وڌيڪ چيو ته تازي ضمني چونڊن ۾ عوام شدت پسنداڻي ۽ ادارا دشمن بيانيي کي مڪمل طور تي رد ڪيو آهي. جنهن صوبي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي اتي گذريل 14 سالن کان امن قائم نه ٿي سگهيو ۽ اهي ئي عنصر پاڪ فوج تي اجائي تنقيد ڪن ٿا. هن چيو ته نوجوان نسل کي گمراهه ڪرڻ جي ڪڌي ڪوشش ملڪ دشمني جي برابر آهي. قوم متحد آهي ۽ پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي ۽ پاڪستان جي خلاف ڪنهن به منفي بيانيي کي ناڪام بڻايو ويندو.












