اسلام آباد -08 ڊسمبر (اي پي پي) جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب سپريم ڪورٽ جي جج جي عهدي جو حلف کنيو. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي پاران جاري پريس پڌرائي موجب چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جسٽس يحييٰ آفريدي گذريل ڏينهن هڪ سادي ۽ شاندار تقريب ۾ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب کان سپريم ڪورٽ جي جج طور حلف کڻايو. حلف برداري تقريب ۾ سپريم ڪورٽ آف …
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب سپريم ڪورٽ جي جج جي عهدي جو حلف کنيو
اسلام آباد -08 ڊسمبر (اي پي پي) جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب سپريم ڪورٽ جي جج جي عهدي جو حلف کنيو. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي پاران جاري پريس پڌرائي موجب چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جسٽس يحييٰ آفريدي گذريل ڏينهن هڪ سادي ۽ شاندار تقريب ۾ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب کان سپريم ڪورٽ جي جج طور حلف کڻايو. حلف برداري تقريب ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، فيڊرل آئيني عدالت، وفاقي شرعي عدالت ۽ هاءِ ڪورٽن جي ججن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اٽارني جنرل پاڪستان، سينئر وڪيلن، فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي جي آفيسرن، لا آفيسرن ۽ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جي آفيسرن به شرڪت ڪئي. تقريب جي ڪارروائي رجسٽرار سپريم ڪورٽ محمد سهيل لغاري هلائي جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي آفيسرن ۽ ملازمن به شرڪت ڪئي.












