راولپنڊي-08 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي ٽنهي هٿيابند فوجن طرفان پاڪ فوج جي جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. تقريب ۾ چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف (نشان امتياز)، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ ٽنهي هٿيابند فوجن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. …
چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي ٽنهي هٿاربند فوجن طرفان گارڊ آف آنر پيش، هٿياربند فوج کي جنگ جي نئين گهرجن سان هم آهنگ رهڻو پوندو: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير
راولپنڊي-08 ڊسمبر (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي ٽنهي هٿيابند فوجن طرفان پاڪ فوج جي جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. تقريب ۾ چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف (نشان امتياز)، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ ٽنهي هٿيابند فوجن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. پاج فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي(آءِ ايس پي آر) مطابق چيف آف ڊفينس فورسز ٽنهي هٿيابند فوجن جي آفيسرن کي خطاب ڪندي پوري پاڪستاني قوم جي غير معمولي حوصلي ۽ عزم خاص ڪري حق جي ويڙهه دوران پاڪستان جي هٿياربند فوج جي بهادر مردن ۽ عورتن جي پيشيوراڻي مهارت جو ورجاءُ ڪيو. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته حق جي ويڙهه جي ملٽي ڊومين آپريشنز هاڻي مستقبل جي جنگين لاءِ هڪ نصابي مثال ۽ ڪيس اسٽڊي جي حيثيت اختيار ڪري چڪيون آهن. هن انهن شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو جيڪي هميشه قوم جو فخر رهندا. ٽنهي هٿيابند فوجن وچ ۾ انضمام ۽ هم آهنگي لاءِ هڪ باضابطه انتظام جي ضرورت تي زور ڀريندي هن واضح ڪيو ته هٿيابندن فوجن کي جنگ جي انهن نون گهرجن سان هم آهنگ ٿي رهڻو پوندو جيڪي سائبر اسپيس، اليڪٽرو ميگنيٽڪ اسپيڪٽرم، خلائي حدن، انفارميشن آپريشنز، مصنوعي ذهانت ۽ ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ جهڙن اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي وسيع قسمن تائين ڦهلجي چڪا آهن. هن نئين سر جوڙيل سي ڊي ايف هيڊڪوارٽرز کي تاريخي قرار ڏنو جيڪو مستقبل جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٽنهي هٿيابند فوجن وچ ۾ گڏيل پليٽ فارم تحت گهربل ضم ٿيڻ، رابطا ۽ هم آهنگي فراهم ڪندو. پنهنجي پڄاڻي واري خطاب ۾ هن هٿياربند فوجن لاءِ پنهنجي ويزن جو احاطو ڪندي چيو ته اسان کي هڪ ثقافتي طور تي مستقل پسند ۽ هر وقت تيار جنگي قوت بڻجڻو پوندو جيڪا جارحيت کي روڪڻ جي صلاحيت رکي ۽ جنهن کي قوم جو مڪمل اعتماد حاصل هجي. تقريب جي پڄاڻي تي پاڪستان نيوي ۽ پاڪستان ايئر فورس جي حق جي ويڙهه جي غازين ۽ هيروز کي جنگ دوران سندن شجاعت ۽ بهادري جي اعتراف ۾ اعزازن سان نوازيو ويو.












