سنڌ بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ هڪ منفرد آئيني ۽ تهذيبي سڃاڻپ قائم ڪئي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد -07 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي، ته سنڌي ثقافتي ڏهاڙو اسان کي ڀائيچاري ۽ گڏيل پرامن بقا جهڙين تهذيبي قدرن کي هٿي ڏيڻ بابت ياد ڏياري ٿو. سنڌ جي ثقافت برداشت، امن ۽ قومي يڪجهتي جي علامت آهي جنهن کي نئين نسل تائين منتقل ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صدر آصف علي …

اسلام آباد -07 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي، ته سنڌي ثقافتي ڏهاڙو اسان کي ڀائيچاري ۽ گڏيل پرامن بقا جهڙين تهذيبي قدرن کي هٿي ڏيڻ بابت ياد ڏياري ٿو. سنڌ جي ثقافت برداشت، امن ۽ قومي يڪجهتي جي علامت آهي جنهن کي نئين نسل تائين منتقل ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صدر آصف علي زرداري سنڌي ثقافت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته سنڌ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته 1936ع ۾ بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ٿيڻ کان پوءِ ان هڪ منفرد آئيني ۽ تهذيبي سڃاڻپ قائم ڪئي، سنڌ اهو پهريون صوبو هو جنهن جي اسيمبلي پاڪستان جي قيام جو ٺهراءُ منظور ڪري تاريخ ۾ فيصلائتو ڪردار ادا ڪيو. سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙن جو وڏو انگ آباد آهي، جيڪو ان کي گڏيل هم آهنگي ۽ ڊگهي نظر جو روشن مثال بڻائي ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته سنڌي ٻولي ملڪ جي ترقي يافته ترين ٻولين ۾ شمار ٿئي ٿي جتي ڪيتريون ئي اخبارون، ٽي وي چينلز ۽ ريڊيو ان جي مضبوط روايت جا امين آهن، سنڌي ثقافتي ڏهاڙو اسان کي ڀائيچاري ۽ گڏيل پرامن بقا جهڙن تهذيبي قدرن کي هٿي ڏيڻ جي ياد ڏياري ٿو.