اسلام آباد -07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي جمهوريه انڊونيشيا جو صدر پرابو ووسو بيانتو 8 ۽ 9 ڊسمبر تي اسلام آباد جو سرڪاري دورو ڪدو. هو اهم وزيرن ۽ سينئر عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد سان گڏ پهچندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان پاران جاري بيان موجب اهو صدر پرابو وو سوبيانتو جو پاڪستان جو پهريون دورو هوندو. انڊونيشيا مان آخري صدارتي …
انڊونيشيا جو صدر 8 ۽ 9 ڊسمبر تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس جو ترجمان
اسلام آباد -07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي جمهوريه انڊونيشيا جو صدر پرابو ووسو بيانتو 8 ۽ 9 ڊسمبر تي اسلام آباد جو سرڪاري دورو ڪدو. هو اهم وزيرن ۽ سينئر عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد سان گڏ پهچندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان پاران جاري بيان موجب اهو صدر پرابو وو سوبيانتو جو پاڪستان جو پهريون دورو هوندو. انڊونيشيا مان آخري صدارتي دورو 2018ع ۾ صدر جوڪو ويدو دو ڪيو هو. هي دورو ان لحاظ کان به خاص اهميت رکي ٿو ته هلندڙ سال پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75هين سالگره ملهائي پئي وڃي. پنهنجي قيام دوران صدر پرابو ووسو بيانتو، وزيراعظم سان وفدن جي سطح تي ڳالهيون به ڪندو ۽ صدر آصف علي زرداري سان به ملاقات ڪندو. چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير به صدر پرابو ووسوبيانتو سان ملاقات ڪندو. دوري دوران ٻنهي ملڪن جي واپار، سيڙپڪاري، دفاع، صحت، آءِ ٽي، موسمياتي تبديلي، تعليم، ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ علائقائي ۽ عالمي سطح تي شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي جامع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ان موقعي تي ڪيترن ئي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحين ڪرڻ جو به امڪان آهي. پاڪستان ۽ انڊونيشيا ويجها، خوشگوا ر ۽ پراڻا لاڳاپا رکن ٿا. جيڪي گڏيل قدرن ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. صدر پرابو ووسوبيانتو جو اهو دورو ٻه طرفه لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل سهڪار کي هٿي ڏيڻ جو اهم موقعو فراهم ڪندو، جيڪو ٻنهي ملڪن جي شراڪتداري کي مسلسل هٿي ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.











