اسلام آباد -07 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بلوچستان جي قلات ضلعي ۾ 12 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائيون تعريف جوڳيون آهن. قوم کي پنهنجي سيڪيورٽي فورسز جي قربانين تي فخر آهي. گذريل ڏينهن جاري بيان ۾ …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران قلات ۾ 12 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد -07 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بلوچستان جي قلات ضلعي ۾ 12 ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي، ته پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن خلاف ڀرپور ڪارروائيون تعريف جوڳيون آهن. قوم کي پنهنجي سيڪيورٽي فورسز جي قربانين تي فخر آهي. گذريل ڏينهن جاري بيان ۾ اسپيڪر چيو ته پرڏيهي سازش ذريعي ٿيندڙ دهشتگردي کي پاڙان پٽي ڦٽي ڪرڻ لاءِ سڄي قوم متحد آهي. قومي ايڪشن پلان تحت سيڪيورٽي فورسز جون ڀرپور ڪارروائيون ملڪي استحڪام جي ضمانت آهن. دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ سڄي قوم سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. هن دهشتگردن خلاف آپريشنز ۾ حصو وٺندڙ جوانن جي جرئت ۽ بهادري کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جون جاري ڪارروائيون تعريف جوڳيون آهن.











