اسلام آباد-07 ڊسمبر (اي پي پي) واپڊا جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 20 ھزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 28 ھزار ڪيوسڪ آھي، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار 300 ڪيوسڪ آھي، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 15 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 15 هزار 700 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 3 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 35 هزار ڪيوسڪ آھي جڏھن …
واپڊا پاران درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري
اسلام آباد-07 ڊسمبر (اي پي پي) واپڊا جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 20 ھزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 28 ھزار ڪيوسڪ آھي، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار 300 ڪيوسڪ آھي، خير آباد پل تي پاڻي جي آمد 15 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 15 هزار 700 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 3 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 35 هزار ڪيوسڪ آھي جڏھن ته چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ ھڪ هزار 500 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. بئراجن جي صورتحال موجب گڊو بيراج ۾ پاڻي جي آمد 54 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 46 هزار 600 ڪيوسڪ، سکر ۾ پاڻي جي آمد 45 هزار 300 ڪيوسڪ، ۽ ڇوڙ 16 هزار 600 ڪيوسڪ، جڏهن ته ڪوٽڙي ۾ پاڻي جي آمد 10 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ هزار 500 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1490.61 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.683 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1213.00 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 5.113 ملين ايڪڙ فوٽ جڏھن ته چشمه ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 646.90 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.208 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











