آمريڪا جي ييل يونيورسٽي جي شاگردن جو 35 رڪني وفد جنوري 2026ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو

اسلام آباد -07 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا جي ييل يونيورسٽي جي شاگردن جو 35 رڪني وفد جنوري 2026ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو. جاري بيان موجب يو ايس پاڪستان بزنس الائنس جي چيئرمين چوڌري نجيب ييل يونيورسٽي ج 35 رڪني وفد ۽ الائنس جي باني ميمبرن سان گڏ پاڪستان جي آمريڪا لاءِ سفير رضوان سعيد شيخ سان واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفد جي ايندڙ …

اسلام آباد -07 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا جي ييل يونيورسٽي جي شاگردن جو 35 رڪني وفد جنوري 2026ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو. جاري بيان موجب يو ايس پاڪستان بزنس الائنس جي چيئرمين چوڌري نجيب ييل يونيورسٽي ج 35 رڪني وفد ۽ الائنس جي باني ميمبرن سان گڏ پاڪستان جي آمريڪا لاءِ سفير رضوان سعيد شيخ سان واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفد جي ايندڙ مهيني اسلام آباد جي ڄاڻايل دوري جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. شيڊول موجب ييل يونيورسٽي جو اهو وفد جنوري 2026ع جي پهرين هفتي ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو جيڪو يو ايس پاڪستان بزنس الائنس جي قيادت ۾ پاڪستان ايندڙ پهريون باضابطا آمريڪي وفد هوندو. دوري دوران وفد نيشنل ڊفينس يونيورسٽي، نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي، فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري سميت اهم قومي ادارن جو دورو ڪندو. ان کان علاوه سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان به ملاقاتون شيڊول آهن.