اسلام آباد -07 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي تحقيقاتي اداري اميگريشن اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي هڪ شخص پاران جعلي دستاويزن تي يورپ وڃڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي ۽ فرانس ويندڙ فلائيٽ تي سوار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ هڪ مسافر کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. هڪ اهلڪار گذريل ڏينهن اي پي پي کي ٻڌايو ته ايف آءِ اي اميگريشن هڪ مسافر احمد رضا کي جيڪو فلائيٽ پي ڪي-749 ذريعي …
ايف آءِ اي اميگريشن اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي جعلي دستاويزن تي يورپ وڃڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي
اسلام آباد -07 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي تحقيقاتي اداري اميگريشن اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي هڪ شخص پاران جعلي دستاويزن تي يورپ وڃڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي ۽ فرانس ويندڙ فلائيٽ تي سوار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ هڪ مسافر کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. هڪ اهلڪار گذريل ڏينهن اي پي پي کي ٻڌايو ته ايف آءِ اي اميگريشن هڪ مسافر احمد رضا کي جيڪو فلائيٽ پي ڪي-749 ذريعي فرانس وڃي رهيو هو. اميگريشن ڪليئرنس دوران آفيسرن سندس سفري ڪاغذن جي جاچ ڪئي ته سندس پولينڊ جي رهائش وارو ڪارڊ جعلي نڪتو. اهلڪار بڌايو ته جعلي دستاويز فوري طور تي ضبط ڪري مسافر کي جهاز ۾ سوار ٿيڻ کانر وڪيو ويو.











