ايف آءِ اي جي ڪارروائي، شهرين کي فراڊ ۾ ڦاسائڻ جي الزام ۾ 2 جوابدار گرفتار

اسلام آباد -07 ڊسمبر (اي پي پي)فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي  پاڪستاني شهرين کي جعلي نوڪرين جي بهاني ڪمبوڊيا  اسمگلنگ ڪرڻ ۽ کين غيرقانوني طور آن لائين فراڊ ۾ ڦاسائڻ ۾ ملوث 2 اهم جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هڪ اهلڪار گذريل ڏينهن اي پي پي کي ٻڌايو ته گرفتاريون ايف آءِ اي ڪمپوزٽ سرگل گلگت پرڏيهه پاڪستاني شهرين کي حراست ۾ وٺي استحصال ڪندڙ  نيٽ ورڪس خلاف جاري ڪريڪ ڊائون …

اسلام آباد -07 ڊسمبر (اي پي پي)فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي  پاڪستاني شهرين کي جعلي نوڪرين جي بهاني ڪمبوڊيا  اسمگلنگ ڪرڻ ۽ کين غيرقانوني طور آن لائين فراڊ ۾ ڦاسائڻ ۾ ملوث 2 اهم جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هڪ اهلڪار گذريل ڏينهن اي پي پي کي ٻڌايو ته گرفتاريون ايف آءِ اي ڪمپوزٽ سرگل گلگت پرڏيهه پاڪستاني شهرين کي حراست ۾ وٺي استحصال ڪندڙ  نيٽ ورڪس خلاف جاري ڪريڪ ڊائون دوران ڪيو. گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ عدنان اسلام ۽ انعام الله جي نالن سان ٿي آهي. ايف آءِ اي موجب عدنان اسلام کي هنزه مان گرفتار ڪيو ويو  جڏهن ته انعام الله چين فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته مربوط ڪارروائي جي نتيجي ۾ کيس واپس ڊي پورٽ  ڪري گرفتار ڪيو ويو. جاچ ٽيم متاثر ۽ سندن گهر ڀاتين سان رابطو ڪري جوابدارن جي ٽريفڪنگ نيٽ ورڪ ۾ ڪردار جي تصديق ڪئي