لاهور-06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿي چڪي آهي، شاندار ڪارڪردگي تي ايندڙ چونڊون به کٽينداسين، مريم نواز پنجاب جي ترقي جا نوان باب لکي رهي آهي، ماس ٽرانزٽ سسٽم سان گجرانوالا جي عوام جي تقدير بدلجي ويندي، ملڪ ترقي ۽ استحڪام طرف گامزن آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ خوشخبريون ملنديون. اهڙو اظهار هن …
ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿي چڪي آهي، شاندار ڪارڪردگي تي ايندڙ چونڊون به کٽينداسين: محمد شهباز شريف
لاهور-06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين دور جي شروعات ٿي چڪي آهي، شاندار ڪارڪردگي تي ايندڙ چونڊون به کٽينداسين، مريم نواز پنجاب جي ترقي جا نوان باب لکي رهي آهي، ماس ٽرانزٽ سسٽم سان گجرانوالا جي عوام جي تقدير بدلجي ويندي، ملڪ ترقي ۽ استحڪام طرف گامزن آهي، ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ خوشخبريون ملنديون. اهڙو اظهار هن گجرانوالا ۾ ماس ٽرانزٽ بس سروس جي پيڙهه جي پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. محمد شهباز شريف چيو ته پنجاب ۾ عوامي خدمت ۽ ترقي جو سفر 1985ع ۾ منهنجي قائد ۽ وڏي ڀاءُ محمد نواز شريف جي اڳواڻي ۾ شروع ٿيو، ان دور ۾ صرف سياست ٿيندي هئي، ترقياتي ڪمن جو پري پري تائين نالو نشان نه هوندو هو. محمد نواز شريف جي اڳواڻي ۾ پنجاب ۾ پهريون ڀيرو تعميري سياست جي شروعات ٿي ۽ نواز شريف جي ٽن سالن جي دور ۾ تعميري سياست سازشي سياست کي هميشه هميشه لاءِ دفن ڪري ڇڏيو، پوءِ قوم ڏٺو ته پوري صوبي ۾ روڊن جو ڄار وڇايو ويو، اسپتال، اسڪول، ڪالجيز ، يونيورسٽين ۽ ٻين عوامي منصوبن جو بنياد رکيو ويو، وزيراعليٰ مريم نواز ان ويز کي سامهون رکندي اڄ عوامي خدمت جي هن سفر کي جاري رکيو پئي اچي جنهن مان کيس خراج تحسين ۽ مبارڪون پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي سياست عوامي خدمت ۽ ترقياتي منصوبن جي هڪ جيئري جاڳندي تصوير آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ اڄ اوهان جي شهر گجرانوالا ۾ ماس ٽرانزٽ بس سروس منصوبي جو تحفو ڏنو آهي، ان سان پوري ضلعي جي تقدير بدلجي ويندي ۽ ڏورانهن علائقن مان ايندڙ شاگردن، مزدورن ۽ ملازمن سميت زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي جديد ۽ شاندار سفري سهولتون ميسر اينديون. هن چيو ته اسان جي قائد محمد نواز شريف وزيراعليٰ طور ۽ پوءِ وزيراعظم طور جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا انهن کي تاريخ سنهري اکرن ۾ ياد ڪندي، محمد نواز شريف جو سڀ کان وڏو ڪارنامو پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائڻ آهي، هن ملڪي بچاءُ کي اڻمٽ بڻائي ڪراچي کان پشاور تائين هر درد دل رکندڙ پاڪستاني جي دل ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ۽ ثابت ڪيو ته هڪ عظيم قائد آهي، حق جي ويڙهه ۾ شاندار ڪاميابي به ايٽمي قوت هئڻ جي ڪري ملي. جيڪڏهن پاڪستان 1998ع ۾ ايٽمي ڌماڪا نه ڪري ها ته اڄ حالتون تمام مختلف هجن ها. محمد شهباز شريف چيو ته قائد محمد نواز شريف هن ملڪ جي تقدير بدلائڻ لاءِ جيڪي خواب ڏٺا ۽ جيڪي ترقياتي منصوبا شروع ڪيا اڄ الحمد الله ان خواب جي تعبير ۽ انهن منصوبن جي تڪميل لاءِ پنجاب جي ڌيءَ مريم نواز رات ڏينهن جاکوڙي رهي آهي. هن يو ته پنجاب ۾ ڪينسر اسپتال، گجرانوالا ۾ ميٽرو بس، فيصل آباد ميٽرو منصوبو، سٿرا پنجاب منصوبو، صحت جا ميگا پراجيڪٽس، ماحولياتي گدلاڻ ۾ گهٽائي جا شاندار منصوبا، ڏوهن جي خاتمي لاءِ سيف سٽي منصوبا، سستن گهرجن جي تعمير، پوليس جو نئون نظام، راشن ڪارڊ منصوبو، ٻوڏ جي تباهه ڪارين کانپوءِ متاثرن جي بحالي ۽ ٻين شهرن ۾ ترقياتي منصوبا انتهائي ساراهه لائق آهن. مان سمجهان ٿو ته ان کان بهتر قومي خدمت جو ڪو ٻيو مثال نٿو ٿي سگهي، ان تي وزيراعليٰ ۽ سندس ٽيم کي شاباش ملڻ گهرجي. هن چيو ته هن عوامي خدمت عيوض ئي هاڻوڪي چونڊن ۾ شاندار ڪاميابي ملي آهي، انشاءُ الله عوامي خدمت جو هي سفر جاري رهندو، مون کي يقين آهي ته شاندار ڪارڪردگي عيوض ٽن سالن کانپوءِ قائد محمد نواز شريف جي اڳواڻي ۾ ايندڙ چونڊن ۾ به اهم ڪاميابيون حاصل ڪنداسين ۽ ان ملڪ کي هڪ معاشي طاقت بڻائينداسين. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو ته اسان کي عوامي خدمت جو مينيڊيٽ مليو آهي جنهن جي تڪميل لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيا آهيون، گجرانوالا ۾ ماس ٽرانزٽ بس سروس به ان سلسلي جي ڪڙي آهي.











