غيرقانوني اميگريشن بابت اسان جي واضح پاليسي آهي: محسن نقوي

اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي، ته غير قانوني اميگريشن بابت اسان جي واضح پاليسي آهي، پاڪ آمريڪا پراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، منشيات جي خاتمي لاءِ آمريڪي فني مدد جي آجيان ڪنداسين، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي نيشنل نارڪوٽڪس ڪوآرڊينيشن سينٽر جلد قائم ڪيو ويندو. گهرو وزارت پاران جاري پڌرائي موجب گهرو وزير انهن خيالن جو …

اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي، ته غير قانوني اميگريشن بابت اسان جي واضح پاليسي آهي، پاڪ آمريڪا پراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي، منشيات جي خاتمي لاءِ آمريڪي فني مدد جي آجيان ڪنداسين، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي نيشنل نارڪوٽڪس ڪوآرڊينيشن سينٽر جلد قائم ڪيو ويندو. گهرو وزارت پاران جاري پڌرائي موجب گهرو وزير انهن خيالن جو اظهار آمريڪي وقتي سفير نيٽلي بيڪر سان ملاقات دوران ڪئي. ان موقعي تي منشيات جي خاتمي ۽ سيڪيورٽي جي شعبي ۾ ٻه طرفو تعاون وڌائڻ تي ڳالهين سميت غيرقانوني اميگريشن جي روڪٿام لاءِ گڏيل قدمن، منشيات جي روڪٿام ۽ انٽيليجنس شيئرنگ لاءِ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. آمريڪي سفير منشيات جي خاتمي ۽ غيرقانوني اميگريشن جي روڪٿام لاءِ هر ممڪن فني ڄاڻ جي آڇ ڪئي. گهرو وزير چيو ته غيرقانوني اميگريشن جي حوالي سان اسان جي واضح پاليسي آهي، ايئرپورٽس تي هر ممڪن حد تائين منشيات جي ڪيسن جي نشاندهي اولين ترجيح آهي، ملڪ جي سمورن هوائي اڏن تي جديد ترين اسڪيننگ مشينون لڳايون پيون وڃن. محسن نقوي چيو ته منشيات جي خاتمي لاءِ زيرو ٽالرنس پاليسي تي سختي سان عمل ڪري رهيا آهيون، اڄ به افغانستان مان منشيات ڪيترن ئي ملڪن ۾ پهچي رهي آهي ۽ نوجوان نسل کي تباهه ڪري رهي آهي. گهرو وزير چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آمريڪا جي فني مدد جي آجيان ڪنداسين. پاڪ آمريڪا لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي هٿي وٺائڻ لاءِ انتهائي اهم آهن. اسان انهن پراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون. محسن نقوي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي نيشنل نارڪوٽڪس ڪوآرڊينيشن سينٽر جلد قائم ڪيو ويندو. ملاقات دوران اي اين ايف جي ڪارڪردگي ۽ سڄي ملڪ ۾ جاري آپريشنز بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ساليانو ڪائونٽر نارڪوٽڪس مهم تحت 134 ٽن منشيات، 75 پرڏيهين سميت 2001 جوابدار ۽ 12.797 بلين ڊالر جي ماليت جي منشيات جي ضبط ڪئي وئي. بلوچستان، ڪي پي ۽ سنڌ مان 110 افغان شهري گرفتار ڪري 40659 ايڪڙ ايراضي ڪليئر ڪئي وئي. ان موقعي تي وقتي آمريڪي سفير نيٽلي بيڪر اي اين ايف جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪستان سان لاڳاپان کي خصوصي اهميت ڏيون ٿا، هر شعبي ۾ سهڪار جاري رکنداسين. وفاقي گهرو سيڪريٽري، ڊي جي اي اين ايف، ڊائريڪٽر انفورسمينٽ، آمريڪي سفارتخاني جي نمائندن ۽ ٻين اختيارين به ملاقات ۾ شرڪت ڪئي.