ميجر شبير شريف جي بهادري ۽ شجاعت اهو روشن مينار آهي جنهن مان اسان جا نسل رهنمائي حاصل ڪندا آهن: گهرو وزير محسن نقوي

اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ميجر شبير شريف شهيد (نشان حيدر) کي بي مثال جرئت ۽ شاندار لفظن ۾ خراع عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته سندس بهادري ۽ شجاعت اهو روشن مينار آهي جنهن مان نسلون رهنمائي حاصل ڪن ٿيون. گهرو وزارت پاران جاري بيان ۾ محسن نقوي چيو ته ميجر شبير شريف شهيد وطن جي دفاع جي روشن علامت …

اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ميجر شبير شريف شهيد (نشان حيدر) کي بي مثال جرئت ۽ شاندار لفظن ۾ خراع عقيدت پيش ڪندي چيو آهي، ته سندس بهادري ۽ شجاعت اهو روشن مينار آهي جنهن مان نسلون رهنمائي حاصل ڪن ٿيون. گهرو وزارت پاران جاري بيان ۾ محسن نقوي چيو ته ميجر شبير شريف شهيد وطن جي دفاع جي روشن علامت آهي. ان مرد مجاهد ايمان جي جذبي ۽ شجاعت جي نئين تاريخ رقم ڪئي. محسن نقوي چيو ته ميجر شبير شريف شهيد 1971ع جي جنگ ۾ جرئت ۽ شجاعت جو نه وسارڻ جوڳو مظاهرو ڪري هميشه لاءِ امر ٿي ويو. هن قيادت، حڪمت عملي ۽ غير معمولي دليري سان دشمن جي مضبوط قلعا ڊاهي وڌا. گهرو وزير چيو ته ميجر شبير شريف پاڪستان جو اهو منفرد سپاهي آهي جنهن وٽ ستاره جرئت به آهي ۽ نشان حيدر به آهي. هن چيو ته دشمن لاءِ چٽو پيغام آهي ته پاڪ وطن جو هر سپاهي جذبي، همت ۽ وفا ۾ ميجر شبير شريف جو وارث آهي.