اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي)ميجر شبير شريف شهيد (نشان حيدر) جو 54 هون يوم شهادت گذريل ڏينهن عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. سڄي ملڪ جي مسجدن ۾ ڏينهن جي شروعات قرآن خواني ۽ دعائن سان ٿي، عالم سڳورن شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ خاص دعائون گهريون. ان موقعي تي عالم سڳورن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هن وطن جي مٽيءَ ۾ شهيدن جو رت …
ميجر شبير شريف شهيد (نشان حيدر) جو 54 هون يوم شهادت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو
اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي)ميجر شبير شريف شهيد (نشان حيدر) جو 54 هون يوم شهادت گذريل ڏينهن عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو. سڄي ملڪ جي مسجدن ۾ ڏينهن جي شروعات قرآن خواني ۽ دعائن سان ٿي، عالم سڳورن شهيد جي درجن جي بلندي لاءِ خاص دعائون گهريون. ان موقعي تي عالم سڳورن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هن وطن جي مٽيءَ ۾ شهيدن جو رت شامل آهي، شهيدن کي وسارڻ واريون قومون تاريخ ۾ مٽجي ويون. عالم سڳورن چيو ته شهيد جو موت قوم جي حيات آهي. ميجر شبير شريف شهيد ڌرتي جو بهادر فرزند هو جيڪو هميشه هر دل ۾ زنده رهندو.











