چولستان ڊيزرٽ ريلي پاڪستان جي ايڊونچر ٽوئر ازم، ثقافتي سڃاڻپ ۽ ملڪ جي هاڪاري تاثر کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جو موثر ذريعو آهي: وفاقي وزير طارق فضل چوڌري

اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير طارق فضل چوڌري ٽوئرازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن پنجاب ۽ پاڪستان ٽوئرازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي گڏيل ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو آهي ته چولستان ڊيزرٽ ريلي پاڪستان جي ايڊونچر ٽوئرازم، ثقافتي سڃاڻپ ۽ ملڪ جي هاڪاري تاثر کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جو موثر ذريعو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن ٽوئر ازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن پنجاب ۽ پاڪستان ٽوئر …

اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير طارق فضل چوڌري ٽوئرازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن پنجاب ۽ پاڪستان ٽوئرازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي گڏيل ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو آهي ته چولستان ڊيزرٽ ريلي پاڪستان جي ايڊونچر ٽوئرازم، ثقافتي سڃاڻپ ۽ ملڪ جي هاڪاري تاثر کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جو موثر ذريعو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن ٽوئر ازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن پنجاب ۽ پاڪستان ٽوئر ازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي 21 هين چولستان ڊيزرٽ ريلي 2026 جي تيارين جي سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ منعقد گڏيل پروگرام ”ٽوئر ازم آئوٽ ريچ“ تحت ويهڪ ۾ مهمان خصوصي طور خطاب دوران ڪيو. اهو پروگرام صوبائي حڪومت جي ويزن ”ميگنيفيسنٽ پنجاب“ تحت منعقد ڪيو ويو. چولستان ڊيزرٽ ريلي جيڪا 4 کان 8 فيبروري 2026ع تائين بهاولپور جي چولستان واري ريگيستان ۾ منعقد ٿيندي، سالن کان رڳو هڪ موٽر اسپورٽ ايونٽ نه رهيي آهي پر ڀرپور ثقافتي ۽ سياحتي فيسٽيول طور به اڀري چڪي آهي جنهن ۾ پرڏيهي سفارتخانن، ڊرائيورن، ميڊيا ۽ عوام جو وڏو انگ شرڪت ڪندو آهي. طارق فضل چوڌري ٽوئر ازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن پنجاب ۽ پاڪستان ٽوئر ازم دولپمينٽ ڪارپوريشن جي گڏيل ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو ته چولستان ڊيزرٽ ريلي پاڪستان جي ايڊونچر ٽوئر ازم، ثقافتي سڃاڻپ ۽ ملڪ جي هاڪاري تاثر کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جو اثرائتو ذريعو آهي. هن چيو ته اهڙا ايونٽ سيڙپڪاري، روزگار ۽ عوامي رابطا وڌائڻ ۾ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.