اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) دهشتگردي جي خاتمي واري اثرائتي حڪمت عملي تحت فتنه الهندستان جي ڪيترن ئي دهشتگردن رياست آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. فتنه الهندستان بي آر اي جي ڪمانڊر وڏيري نور علي چاڪراڻي ۽ سندس 74 ساٿين رياست آڏو سرينڊر ڪري ڇڏيو. دهشتگرد ڪمانڊر وڏيرو نور علي چاڪراڻي ۽ سندس 74 ساٿين پاڪستان هائوس سوئي ضلع ڊيره بگٽي ۾ هٿيار ڦٽا ڪيا. ان موقعي تي …
ڊيرا بگٽي ۾ فتنه الهندستان جي ڪيترن ئي دهشتگردن رياست آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا
اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) دهشتگردي جي خاتمي واري اثرائتي حڪمت عملي تحت فتنه الهندستان جي ڪيترن ئي دهشتگردن رياست آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. فتنه الهندستان بي آر اي جي ڪمانڊر وڏيري نور علي چاڪراڻي ۽ سندس 74 ساٿين رياست آڏو سرينڊر ڪري ڇڏيو. دهشتگرد ڪمانڊر وڏيرو نور علي چاڪراڻي ۽ سندس 74 ساٿين پاڪستان هائوس سوئي ضلع ڊيره بگٽي ۾ هٿيار ڦٽا ڪيا. ان موقعي تي ديره بگٽي جا معزز ۽ ميڊيا جا نمائندا به موجود هئا. بي آر اي جي شرپسندن نور علي چاڪراڻي ۽ ان جي ساٿين تي ان وقت به حملو ڪيو جڏهن هو سرينڊر ڪرڻ لاءِ پاڪستان هائوس وڃي رهيا هئا. سرينڊر ڪندڙ دهشتگردن پاڪستان هائوس جي ڪيئر ٽيڪر مير آفتاب بگٽي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڊيره بگٽي جي موجودگي ۾ وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارود به سرينڊر ڪيو. نور علي چاڪراڻي نه رڳو هٿيار ڦٽا ڪيا پر فتنه الهندستان (بي آر اي) خلاف چاڪراڻي امن فورس قائم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو. نور علي چاڪراڻي جو سرينڊر ڪرڻ ڊيره بگٽي ضلعي جي موجوده منظرنامي ۾ اهم اڳڀرائي آهي. نور علي چاڪراڻي ۽ سندس ساٿين پاران هٿيار ڦٽا ڪرڻ بلوچستان ۾ سرگرم ٻين دهشتگرد تنظيمن لاءِ وڏو ڌچڪو آهي.











