لاهور -06 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي، ته پاڪستان توانائي جي شعبي ۾ تيز رفتار سڌارن ۽ صاف توانائي کي هٿي وٺائڻ ذريعي خطي ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. حڪومت پاور سيڪٽر جي بحالي ۽ جدت لاءِ وڏي پئماني تي سڌارا ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن هتي لاهور يونيورسٽي آف مينجمينٽ سائنسز ۾ …
حڪومت پاور سيڪٽر جي بحالي ۽ جدت لاءِ وڏي پئماني تي سڌاري آڻي رهي آهي: وفاقي وزير اويس احمد لغاري، احسن اقبال
لاهور -06 ڊسمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي، ته پاڪستان توانائي جي شعبي ۾ تيز رفتار سڌارن ۽ صاف توانائي کي هٿي وٺائڻ ذريعي خطي ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. حڪومت پاور سيڪٽر جي بحالي ۽ جدت لاءِ وڏي پئماني تي سڌارا ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن هتي لاهور يونيورسٽي آف مينجمينٽ سائنسز ۾ ٻي ايشيا انرجي ٽرانزيشن سمٽ کي ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اڳوڻو ناڻي وارو وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر، سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جج جسٽس منصور علي شاهه، پروگرام ڊائريڪٽر مصطفيٰ امجد سميت ملڪي ۽ غير ملڪي ماهرن ۽ شاگردن جو وڏو انگ موجود هو. اها سمٽ پاڪستان رينيو ايبل انرجي ڪوليشن لمز ۽ الائنس فار ڪلائميٽ جسٽس اينڊ ڪلين انرجي جي ڀائيواري سان منعقد ٿي. وفاقي وزير چيو ته عالمي سطح تي توانائي جي سفارتي ۽ معاشي توازن تيزي سان تبديل ٿي رهيا آهن جنهن جا اثر اثرندڙ ملڪن خاص ڪري ايشيا تي گهرا آهن. هن عالمي توانائي ايجنسي ۽ گڏيل قومن جي رپورٽن جو حوالو ڏيندي چيو ته دنيا هن وقت توانائي ۽ موسمياتي حڪمراني جي هڪ نازڪ موڙ تي بيٺل آهي. هن چيو ته ايشيا دنيا جي 48 سيڪڙو توانائي کپت جو مرڪز آهي جڏهن ته عالمي آبادي جو 60 سيڪڙو ننڍي کنڊ ايشيا ۾ رهي ٿو جنهن سان هي خطو عالمي انرجي ٽرانزيشن جو محور بڻجي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته ايشيا ۾ تجديد جوڳي توانائي ۾ سيڙپڪاري گذريل ڏهاڪي ۾ 900 سيڪڙو تائين وڌي چڪي آهي. پاڪستان جي حوالي سان هن چيو ته ملڪ جي ڪاربان جو نيڪال عالمي سطح تي هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، پر هي دنيا جي 10 سڀ کان وڌيڪ ماحولياتي خطرن ۾ گهريل ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ عوامي سطح تي ٿيل سولر ريووليوشن غير معولي رفتار سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ هاڻي تائين 50 گيگا واٽ جي لڳ ڀڳ سولر پينلز ملڪ ۾آمدني واپار ٿي چڪا آهن. هن چيو ته پاڪستان هن وقت پنهنجي 52 سيڪڙو بجلي صاف ۽ تجديد جوڳن ذريعن مان حاصل ڪري رهيو آهي جڏهن ته 2035 تائين ان حصي کي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ تائين ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته حڪومت پاور سيڪٽر جي بحالي ۽ جدت لاءِ وڏي پئماني تي سڌارا ڪري رهي آهي جن ۾ ڊسڪوز جي نجڪاري، سمارٽ ميٽرنگ، بجلي جي ورڇ جي نظام جي ڊجيٽلائيزيشن، سرڪلر ڊيٽ ۾ گهٽتائي، 118 هيلپ لائين جو قيام، نيشنل گرڊ جي نئين سر تنظيم سازي، زرعي ٽيوب ويلن جي سولرائيزيشن ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ ٽيرف ۾ گهٽتائي جهڙا قدم شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ چٽاڀيٽي واري بجلي مارڪيٽ لاڳو ٿي چڪي آهي جنهن سان شفافيت، سيڙپڪاري ۽ هڪجهڙائي ۾ اضافو ٿيندو. تقريب جي پڄاڻي تي وفاقي وزير انتظام سنڀاليندڙ ادارن، عالمي ڀائيوارن ۽ شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃيندي چيو ته هي سمٽ نه رڳو تجربن جي مٽاسٽا جو پليٽ فارم آهي پر خطي ۾ اجتماعي قدمن ۽ پائيدار توانائي جي مستقبل طرف اڳڀرائي جو سنگ ميل ثابت ٿيندي. ان موقعي تي وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو ته موسمياتي تبديلي دنيا لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج بڻجي چڪي آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل عالمي ذميواري ۽ شراڪتداري اڻٽر آهي، ان سلسلي ۾ پاڪستان اسرندڙ ملڪن ۽ عالمي مالياتي ادارن تي زور ڀريو آهي ته هو ڪائيميٽ فنانسنگ ۾ پنهنجو ڪردار وڌائين ته جيئن اسرندڙ ملڪ گهٽ لاڳت تي گرين ٽيڪنالاجي اختيار ڪري سگهن. هن چيو ته موسمياتي تبديلي سبب هنگامي صورتحال ۽ معاشي بار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، ان ڪري مالي مراعتون ۽ ڪنسيشنل فنانسنگ اڻٽر آهن. هن چيو ته عالمي فنانس نظام کي هاڻي گڏيل ذميواري جي بنياد تي نئين سر ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته دنيا تيزي سان گرين آرڪيٽيڪچر ۽ ماحول دوست ٽيڪنالاجيز طرف وڌي رهي آهي، پاڪستان به تجديد جوڳي توانائي، سولر ۽ گرين ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجي ترقياتي منصوبن ۾ جامع سڌارا متعارف ڪرائي رهيو آهي. ملڪ ۾ بهترين سولر پوٽيشنل، مضبوط رينيوبل مارڪيٽ، انجنيئرنگ ۽ سائنس ۾ وسيع ٽيلنٽ پول ۽ گرين ٽيڪنالاجي لاءِ سازگار ماحول موجود آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي ادارن، ملٽي ليٽرل پارٽنرز ۽ نجي سيڙپڪارن سان گڏجي ڪلائيميٽ فنانسنگ ۽ گرين ترقي لاءِ نوان ماڊلز جوڙي رهيو آهي، جن ۾ گرين بانڊز ۽ بليو فنانس جهڙا جديد ذريعا به شامل آهن.











