پي ٽي آءِ سان ڳالهين جو امڪان ختم ٿي چڪو آهي: سينيٽر راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد-06 ڊسمبر (اي پي پي) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُ الله خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ سان ڳالهين جو امڪان ختم ٿي چڪو آهي، فساد تشدد يا انتها پسند سوچ جي حمايت ڪندڙن سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته اسان جي قومي خودمختياري ۽ وقار تي ڪو به سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهجي. اسان ڳالهين جي آجيان …

اسلام آباد-06 ڊسمبر (اي پي پي) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سينيٽر راڻا ثناءُ الله خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ سان ڳالهين جو امڪان ختم ٿي چڪو آهي، فساد تشدد يا انتها پسند سوچ جي حمايت ڪندڙن سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته اسان جي قومي خودمختياري ۽ وقار تي ڪو به سمجهوتو نه ٿو ڪري سگهجي. اسان ڳالهين جي آجيان ڪندا آهيون، پر اسان جا فيصلا قومي مفادن ۽ بنيادي قدرن جي تحفظ جي ضرورت مان پوري طرح رهنمائي حاصل ڪندا آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ معنيٰ وارين ڳالهين جو موقعو ضايع ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته تشدد، افراتفري يا انتهاپسنداڻا نظريا ڦهلائيندڙ ماڻهن يا گروهن سان ڳالهيون برداشت نه ڪيون وينديون ۽ حڪومت قومي استحڪام جي تحفظ لاءِ پوري طرح پر عزم آهي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پارليامنٽ ۾ پي ٽي آءِ کي ڳالهين جي باضابطه دعوت ڏني هئي ۽ وزيراعظم نه ئي اها آڃ واپس ورتي آهي ۽ نه ئي ان کي واپس وٺڻ جو ارادو رکي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حقيقي جمهوريت ۾ تعطل ناهي هوندو، ان ڪري ڳالهيون هميشه صحيح رستي ٿينديون آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو موجوده رويو ۽ پروپئگنڊا انهن اصولن جي خلاف ورزي آهي ۽ ان کي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي.