اسلام آباد - 05 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان خودمختياري سان لاڳاپيل معاملن تي چين جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي، سعودي عرب ۾ افغان طالبان سان ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان قياس آرائين کي رد ڪري ڇڏيو ۽ سريلنڪا کي موڪليندڙ پنهنجي امدادي سامان جي لاءِ اڏام جي اجازت ۾ ڀارت پاران دير کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي ڀارت جي ان قدم کي غيرمعمولي آفت کي منهن ڏيڻ …
خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي معاملي تي چين جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، افغان طالبان حڪومت سان ڳالهه ٻولهه جي ڪا تصديق ٿيل اطلاع نه آهي: پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي جي هفتيوار پريس بريفنگ
اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان خودمختياري سان لاڳاپيل معاملن تي چين جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي، سعودي عرب ۾ افغان طالبان سان ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان قياس آرائين کي رد ڪري ڇڏيو ۽ سريلنڪا کي موڪليندڙ پنهنجي امدادي سامان جي لاءِ اڏام جي اجازت ۾ ڀارت پاران دير کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي ڀارت جي ان قدم کي غيرمعمولي آفت کي منهن ڏيڻ جي فوري ضرورت جي ابتڙ قرار ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان سفير طاهر حسين اندرابي هفتيوار ميڊيا بريفنگ دوران صحافين پاران اٿاريل سوالن جا جواب ڏيندي ڪيترن ئي علائقائي ۽ ٻطرفي مسئلن جو احاطو ڪيو. ڀارت ۾ اروناچل پرديش جي نالي سان سڃاتي ويندڙ زانگنان جي حوالي سان چيني بيانن تي سوالن جي جواب ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان خودمختياري ۽ علائقائي سالميت سان لاڳاپيل معاملن ۾ چين جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. افغان ۽ پاڪستاني ميڊيا ۾ اسلام آباد ۽ افغان طالبان حڪومت جي وچ ۾ سعودي عرب ۾ ڳالهه ٻولهه جي خبرن جي حوالي سان ترجمان چيو ته اهڙين ملاقاتن جي تصديق جي لاءِ ڪا معلومات موجود نه آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جڏهن ڪا اعتبار جوڳي معلومات ملندي ته پاڪستان تفصيل شيئر ڪندو. ترجمان سفير طاهر حسين اندرابي بابري مسجد جي شهيد ٿيڻ جا 33 سال مڪمل ٿيڻ جي حوالي سان ان کي هڪ اهڙو واقعو قرار ڏنو جيڪو اڃا به گهري ڏک ۽ ڳڻتي جو سبب آهي. هن چيو ته اهو واقعو ڀارتي مسلمانن جي حميت جي علامت آهي ۽ عالمي برادري کان مسلم مذهبي ورثي جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جو گهرجائو آهي. هن ڀارت تي زور ڏنو ته هو سمورن اقليتن جي برداشت، شموليت ۽ برابر شهريت جي حق کي برقرار رکي. افغانستان کي انساني امداد جي حوالي سان ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي انساني همدرديءَ جي سامان جي آزادي جي منظوري ڏني آهي جيڪو گڏيل قومن جي ايجنسين بشمول خوراڪ جي عالمي اداري، يونيسيف ۽ يو اين ايف پي جي درخواست تي ڏني وئي آهي. هن وضاحت ڪئي ته امداد افغانستان ۾ ٽن مرحلن ۾ منتقل ٿيندي، شروع ۾ غذائي شيون، پوءِ دواسازي ۽ طبي اوزارن ۽ آخر ۾ تعليم ۽ صحت بابت کيپ تي ٻڌل هوندي. جڏهن ته هن وضاحت ڪئي ته ان فيصلي جو مقصد سرحدي رستن کي باقاعده واپار جي لاءِ ٻيهر کولڻ نه آهي جيڪي ان وقت تائين بند رهندا جيستائين افغان طالبان پاڪستان حڪومت جي دهشتگردي جي حوالي سان سيڪيورٽي خدشا ختم ڪرڻ کي يقيني نه ٿي بڻائي. گڏيل قومن جي هڪ جاري ڪيل رپورٽ تي هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته افغان طالبان ۽ ڀارت جي وچ ۾ وڌندڙ رابطا علائقائي استحڪام جي لاءِ نقصانڪار آهن. ترجمان چيو ته اهڙا رابطا تاريخي طور تي موجود هئا پر رڳو ان وقت ڳڻتي جو سبب بڻجن ٿا جڏهن اهي پاڪستان جي خلاف هجن. هن چيو ته اسلام آباد کي ڪنهن به ٻن ملڪن جي وچ ۾ معمول جي بين الرياستي تعاون تي ڪو اعتراض نه آهي. ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران پاڪستان پاران اسرائيلي جاسوسي نظام جي مبينا استعمال جي الزامن جي جواب ۾ ترجمان انهن دعوائن کي ”افواهه ڦهلائيندڙ غلط معلومات“ قرار ڏنو ۽ پاڪستان ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تعاون جي ڪنهن به تجويز کي سختي سان رد ڪري ڇڏيو. ميانمار مان 38 پاڪستانين جي آزادي بابت ترجمان تصديق ڪئي ته ميانمار ۽ ٿائيلينڊ ۾ پاڪستان جا ٻئي مشن انهن جي محفوظ واپسي جي لاءِ ڪوششن کي ٺوس بڻائي رهيا آهن ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي عملدارن سان رابطي ۾ آهن. سعودي عرب، ترڪيه ۽ قطر جي پاڪستان ۽ افغان طالبان حڪومت جي وچ ۾ امڪاني ثالثي جي ڪوششن تي بار بار سوالن جي جواب ۾ ترجمان چيو ته سعودي عرب ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي ترڪ ثالثي جي حوالي سان پهرين اعلان جي آجيان ڪري ٿو ۽ جڏهن مقرر ٿئي، ترڪ وفد کي ڀليڪار چوڻ جي لاءِ تيار رهيو آهي، پر اهو وفد افغان ڌر سان واڳيل سببن جي بنياد تي ناهي پهتو. ترجمان افغان طالبان جي ترجمان جي سرحدي ضمانتن بابت بيان کي پاڪستان پاران گڏيل قومن جي انساني امداد جي لاءِ محدود سرحد کولڻ جي غلط فهمي قرار ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سرحد بند ڪرڻ بار بار سرحد پار حملن کانپوءِ پاڻمرادو دفاع جو قانوني عمل آهي ۽ اهو ان وقت تائين برقرار رهندو جيستائين افغان ڌر پاڪستان کي يقين نه ٿي ڌياري ته ان جي سرزمين تان ڪو دهشتگرد عنصر ڪارروائي نه ڪندو. افغانستان جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي جي بيانن بابت ترجمان چيو ته پاڪستان ڪڏهن به افغانستان جي ڪنهن رياست سان ٻطرفي لاڳاپن تي اعتراض ناهي ڪيو. هن پاڪستان پاران مبينا طور تي گهربل ۽ برطانيا ۾ موجود ماڻهن بابت سوال گهرو وزارت کي به موڪليا ۽ چيو ته پاڪستاني ۽ برطانوي عملدارن جا تازا اجلاس گهرو وزارت جي دائره اختيار ۾ اچن ٿا. ڀارت جي ان دعويٰ تي سوالن جي جواب ۾ ته پاڪستان جي سريلنڪا ريليف جي لاءِ اڏام جي منظوري ۾ دير تي تنقيد ”ڀارت مخالف“ آهي. ترجمان چيو ته اسلام آباد وٽ دستاويزي ثبوت موجود آهن جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته ڀارت پاڪستان جي درخواست جمع ڪرائڻ جي اٽڪل ٻن ڏينهن کانپوءِ اڏام جي لاءِ غيرمعمولي ڇهه ڪلاڪن جو وقت ڏنو هو. هن چيو ته انساني امداد ۾ جيڪڏهن حد کان وڌيڪ دير ڪئي وڃي ته موثر طور تي ضايع ٿي وڃي ٿي. ترجمان چيو ته برطانيا جي يونيورسٽين پاران پاڪستاني شاگردن جي داخلا روڪڻ جي رپورٽن تي اٿاريل خدشن جي جواب ۾ ترجمان چيو ته ڪا سرڪاري تصديق ناهي ٿي ۽ پاڪستان جو لنڊن ۾ هاءِ ڪميشن انهن ادارن کان وضاحت جي لاءِ رابطو ڪري رهيو آهي. هن افغانستان ۾ ڏيکاريل نقشن جي رپورٽس تي پڻ جواب ڏنو جن ۾ ”گريٽر پشتونستان“ ڏيکاريو ويو آهي ۽ ان عمل کي بي معنيٰ ”ڊرامائي اشارو“ قرار ڏنو ۽ ياد ڏياريو ته پاڪستان ۽ افغانستان جون سرحدون طئي ٿيل ۽ عالمي طور تي تسليم ٿيل آهن. ترجمان وڌيڪ وضاحت ڪئي ته پاڪستان اڳ ۾ ئي آمريڪا ۾ هڪ افغان ڄائي شخص جي گرفتاري جي حوالي سان بيان جاري ڪري چڪو آهي ۽ چيو ته اسلام آباد واشنگٽن سان شاگردن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي لاءِ ويزا پهچ تي ڳالهه ٻولهه جاري رکي آهي. روس جي صدر پيوٽن جي ڀارت جي دوري ۽ هڪ وڏي دفاعي معاهدي جي قياس آرائين بابت ترجمان چيو ته ٻئي ملڪ خودمختيار ملڪ آهن، جيڪي ٻطرفا لاڳاپا جاري رکڻ جي لاءِ آزاد آهن ۽ پاڪستان جو، دورو مڪمل ٿيڻ تائين ڪو مخصوص موقف نه آهي. بريفنگ جي پڄاڻي تي ترجمان پاڪستان جي علائقائي امن، انساني امداد، دهشتگردي جي خاتمي جي خدشن ۽ پاڙيسري ملڪن جي ذميواراڻي رويي جي ضرورت تي موقف جو ورجاءُ ڪيو.











