وڌندڙ گرمي پد ۽ گليشيئرز جو تيزي سان پگهرجڻ موسمياتي تبديلي جا سڌي ريت نتيجا آهن: وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ

اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته وڌندڙ گرمي پد ۽ گليشيئرز جو تيزي سان پگهرجڻ اسان جي طرفان پکيڙيل گدلاڻ ۽ موسمياتي تبديلي جا سڌيءَ ريت نتيجا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار عالمي اداري (ڊبليو ڊبليو ايف) جي اهتمام هيٺ سنڌو درياءَ جي ڊولفن جي تحفظ جا 25 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي منعقد …

اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته وڌندڙ گرمي پد ۽ گليشيئرز جو تيزي سان پگهرجڻ اسان جي طرفان پکيڙيل گدلاڻ ۽ موسمياتي تبديلي جا سڌيءَ ريت نتيجا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار عالمي اداري (ڊبليو ڊبليو ايف) جي اهتمام هيٺ سنڌو درياءَ جي ڊولفن جي تحفظ جا 25 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي منعقد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن راوي درياءَ جو پاڻي شديد گدلو ٿيڻ تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته اهو پاڻي هاڻي زراعت جي لاءِ به استعمال جوڳو ناهي رهيو، هاڻوڪي ٻوڏن سبب ٿيل معاشي نقصان مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) جي 9.5 سيڪڙو کان ٽپي چڪو آهي، انهن موسمياتي آفتن جي انساني قيمت ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ آهي. هن ٻڌايو ته گذريل چئن وڏين ٻوڏن دوران 4700 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا جڏهن ته 17 هزار کان وڌيڪ ماڻهو معذور ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر مصدق ملڪ سنڌو درياءَ جي ڊولفن جي تحفظ لاءِ ڊبليو ڊبليو ايف جي پراڻين خدمتن کي ساراهيندي وزارت جي ڀرپور حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان حڪومت، ڊبليو ڊبليو ايف سان گڏ بيٺل آهي ۽ حياتياتي تنوع جي تحفظ ۽ ماحولياتي پائيداري لاءِ ويجهو تعاون جاري رکيو ويندو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سنڌو درياءَ جي ڊولفن جو تحفظ رڳو هڪ ماحولياتي ذميواري ناهي پر اها زندگي ۽ انسانيت جي تحفظ جو معاملو آهي.