اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ شريعت اپيليٽ بينچ چونڊ نظام کي غير اسلامي قرار ڏيڻ بابت وفاقي حڪومت جون 36 سال پراڻيون اپيلون حڪومت طرفان واپس وٺڻ جي بنياد تي اڪلائي ڇڏيون. جسٽس شاهد وحيد جي سربراهي ۾ پنج رڪني شريعت اپيليٽ بينچ جمعي ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته وفاقي شريعت عدالت جن قاعدن کي غير اسلامي قرار …
سپريم ڪورٽ چونڊ نظام کي غير اسلامي قرار ڏيڻ بابت 36 سالن جو پراڻو ڪيس اڪلائي ڇڏيو
اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ شريعت اپيليٽ بينچ چونڊ نظام کي غير اسلامي قرار ڏيڻ بابت وفاقي حڪومت جون 36 سال پراڻيون اپيلون حڪومت طرفان واپس وٺڻ جي بنياد تي اڪلائي ڇڏيون. جسٽس شاهد وحيد جي سربراهي ۾ پنج رڪني شريعت اپيليٽ بينچ جمعي ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو ته وفاقي شريعت عدالت جن قاعدن کي غير اسلامي قرار ڏئي نشاندهي ڪئي هئي ته هاڻي اهي ختم ٿي چڪا آهن ۽ چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ايڪٽ 2017ع هن وقت لاڳو ۽ عمل جوڳو قانون آهي. ايڊيشنل اٽارني جنرل وڌيڪ چيو ته جيتوڻيڪ لاڳاپيل قانونن هاڻي موجود ناهي رهيو ان لاءِ حڪومت طرفان داخل اپيلون غير موثر ٿي چڪيون آهن ۽ کين واپس وٺڻ چاهيون ٿا. ياد رهي ته چونڊ نظام کي غير اسلامي قرار ڏيڻ جي درخواست 36 سال اڳ داخل ڪئي وئي هئي، جڏهن ته وفاقي حڪومت وفاقي شريعت عدالت جي فيصلي خلاف 1989ع ۾ اپيلون سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيون هيون. عدالت حڪومتي موقف سان اتفاق ڪندي اپيلون واپس وٺڻ جي بنياد تي اڪلائي ڇڏيون.











