اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3 هزار روپين جي اضافي سان في تولو سون 4 لک 44 هزار 4 سئو 62 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب جمعي ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3 هزار روپيا اضافي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 44 هزار 462 روپين جو ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3 هزار روپين جو اضافو رڪارڊ
اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3 هزار روپين جي اضافي سان في تولو سون 4 لک 44 هزار 4 سئو 62 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب جمعي ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3 هزار روپيا اضافي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 44 هزار 462 روپين جو ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2572 روپين جي اضافي کانپوءِ 378482 روپين کان وڌي 381054 روپيا ٿي وئي جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 46 هزار 974 روپين مان وڌي 3 لک 49 هزار 312 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته في تولو چاندي جي قيمت 72 روپين جي اضافي کانپوءِ 6072 ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 61 روپين جي اضافي کانپوءِ 5 هزار 205 روپيا ٿي وئي، ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4191 ڊالرن کان وڌي 4221 ڊالر ٿي وئي.











