ڀارتي ميڊيا کي ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه نٿو اچي، اڊيالا جيل جي ٻاهر امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 05 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڀارتي ميڊيا کي ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه نٿو اچي، اڊيالا جيل جي ٻاهر امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه آهي، جيڪو به جيل رولز جي خلاف ورزي ڪندو ان کي باني پي ٽي آءِ سان ملاقات جي اجازت نه هوندي. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي …

اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڀارتي ميڊيا کي ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه نٿو اچي، اڊيالا جيل جي ٻاهر امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي اجازت نه آهي، جيڪو به جيل رولز جي خلاف ورزي ڪندو ان کي باني پي ٽي آءِ سان ملاقات جي اجازت نه هوندي. پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڀارتي ميڊيا کي ڪوڙ کانسواءِ ڪجهه نٿو اچي، انهن کي شرم اچڻ گهرجي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وڏن وڏن سينيئر صحافين کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي، انهن چانهه جي پياليءَ ۾ طوفان برپا ڪري رکيو هو، پوري سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي افواهون ڦهلائيندڙن کي اڄ قوم آڏو شرمندو ٿيڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو دفاع وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي، پاڪستان اسٽرڪچرل تبديليون ڪري دشمن کي خوفزده ڪري ڇڏيو آهي، سموري فورسز جي متحده ڪمانڊ قائم ڪئي وئي آهي، ان سان اسان کي جنگ ۾ فتح ملي، اسان اوڀر ۽ اولهندي سرحدن کي مضبوط ڪيو، دشمن کي شڪست ڏني، اڳتي دشمن جرئت نه ڪندو.