قومي اسيمبلي جو اجلاس 8 ڊسمبر تائين ملتوي

اسلام آباد - 05 ڊسمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اجلاس 8 ڊسمبر تي شام جو 5 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو آھي.گذريل ڏينھن قومي اسيمبلي جو اجلاس پينل آف چيئرپرسن نزھت صادق جي صدارت ھيٺ پارليامينٽ ھائوس ۾ منعقد ٿيو. ڪلام پاڪ جي تلاوت، نعت، حديث ۽ قومي تراني کانپوءِ سوالن جي وقفي جي شروع ۾ اپوزيشن ميمبر صبغت الله طرفان ڪورم جي نشاندھي ڪئي وئي. ڳڻپ کانپوءِ مٿي …

اسلام آباد – 05 ڊسمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اجلاس 8 ڊسمبر تي شام جو 5 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو آھي.گذريل ڏينھن قومي اسيمبلي جو اجلاس پينل آف چيئرپرسن نزھت صادق جي صدارت ھيٺ پارليامينٽ ھائوس ۾ منعقد ٿيو. ڪلام پاڪ جي تلاوت، نعت، حديث ۽ قومي تراني کانپوءِ سوالن جي وقفي جي شروع ۾ اپوزيشن ميمبر صبغت الله طرفان ڪورم جي نشاندھي ڪئي وئي. ڳڻپ کانپوءِ مٿي ڄاڻايل انگ مڪمل نه ٿيڻ کانپوءِ ايوان جي ڪارروائي 15 منٽن لاءِ ملتوي ڪئي وئي. ان وقفي کانپوءِ ٻيھر اجلاس شروع ٿيو ۽ ڳڻپ ڪئي وئي. ايم اين ايز جا لازمي انگ مڪمل نه ٿيڻ تي پينل آف چيئرپرسن نزھت صادق قومي اسيمبلي جو اجلاس سومر جو 8 ڊسمبر تي شام جو 5 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.