آزاد ڪشمير جي وزيراعظم پاران فليڊ مارشل سيد عاصم منير کي چيف آف ڊيفنس فورسز بڻجڻ تي مبارڪون

اسلام آباد - 05 ڊسمبر(اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ، فليڊ مارشل سيد عاصم منير کي پھريون چيف آف ڊيفنس فورسز بڻجڻ تي دلي مبارڪون ڏيندي چيو آھي ته فليڊ مارشل سيد عاصم منير جي مقرري قومي سلامتي لاءِ تاريخي فيصلو آھي، فليڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان ۽ خطي لاءِ استحڪام جي علامت آھي، قومي قيادت جو اھو فيصلو دفاع واري مضبوط سوچ جو تسلسل …

اسلام آباد – 05 ڊسمبر(اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل ممتاز راٺوڙ، فليڊ مارشل سيد عاصم منير کي پھريون چيف آف ڊيفنس فورسز بڻجڻ تي دلي مبارڪون ڏيندي چيو آھي ته فليڊ مارشل سيد عاصم منير جي مقرري قومي سلامتي لاءِ تاريخي فيصلو آھي، فليڊ مارشل سيد عاصم منير پاڪستان ۽ خطي لاءِ استحڪام جي علامت آھي، قومي قيادت جو اھو فيصلو دفاع واري مضبوط سوچ جو تسلسل آھي. جاري بيان مطابق آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته فليڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ دفاعي ڍانچو وڌيڪ مضبوط ٿيندو، فليڊ مارشل ھر مرحلي تي پروفيشنلزم جو مثال قائم ڪيو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته سموري قوم پنھنجي عسڪري قيادت کان وڏيون اميدون رکي ٿي، پاڪستان جو دفاع مضبوط ھٿن ۾، قوم مطمئن رھي، فليڊ مارشل سيد عاصم منير جي مقرري خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي اميد آھي. فيصل ممتاز راٺورڙ چيو ته فليڊ مارشل جو ڪردار قومي وحدت لاءِ غير معمولي اھميت رکي ٿو، فليڊ مارشل سيد عاصم منير جون خدمتون تاريخ ۾ سنھري باب طور لکيون وينديون.