پاڪستان، افغان طالبان کان بار بار سرحد پار کان دهشتگردي جا واقعا روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ افغانستان بابت سوالن جي جواب ۾ ٻڌايو ته پاڪستان افغان طالبان کان بار بار سرحد پار کان دهشتگردي جا واقعا روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته دوحه ۽ استنبول ۾ ٿيل ڳالهين ۾ به اهو ئي موقف پيش ڪيو ويو،وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان واپار کي هٿي …

اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ افغانستان بابت سوالن جي جواب ۾ ٻڌايو ته پاڪستان افغان طالبان کان بار بار سرحد پار کان دهشتگردي جا واقعا روڪڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته دوحه ۽ استنبول ۾ ٿيل ڳالهين ۾ به اهو ئي موقف پيش ڪيو ويو،وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان واپار کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي ۽ افغان شهري قانوني سفري دستاويزن ذريعي پاڪستان اچي سگهن ٿا. حڪومت افغانستان سان بارڊر مينيجمينٽ ۽ سيڪيورٽي تعاون جي حوالي سان مسلسل رابطي ۾ آهي.