اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي چيف آف اسٽاف ڊفينس فورسز بڻجڻ تي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته عاصم منير جي مقرري پاڪستان ۽ ڪشمير لاءِ سٺو سنوڻ آهي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جرئت ۽ قائداڻي صلاحيت رکندڙ شخصيت آهي. جاري بيان ۾ مشعال ملڪ چيو ته ڀارتي جارحيت جي ڀيٽ ۾ عاصم …
مشعال ملڪ پاران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي چيف آف ڊفينس فورسز بڻجڻ تي مبارڪون پيش
اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواري مشعال ملڪ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي چيف آف اسٽاف ڊفينس فورسز بڻجڻ تي مبارڪون پيش ڪندي چيو آهي ته عاصم منير جي مقرري پاڪستان ۽ ڪشمير لاءِ سٺو سنوڻ آهي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جرئت ۽ قائداڻي صلاحيت رکندڙ شخصيت آهي. جاري بيان ۾ مشعال ملڪ چيو ته ڀارتي جارحيت جي ڀيٽ ۾ عاصم منير جي حڪمت عملي ڪشميرين جو حوصلو وڌايو، سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪستان جو دفاع وڌيڪ مضبوط ٿيو، عالمي سطح تي پاڪستان جو وقار بلند ٿيو، مشعال ملڪ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي مقرري جي آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته زميني، سامونڊي، فضائي فوج جو رابطو وڌيڪ مضبوط ٿيندو. مشعال ملڪ چيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي نئين دور جي اميد پيدا ٿي آهي. مشعال ملڪ ڪشميري عوام ۽ پاڪ فوج جي قربانين کي سلام پيش ڪيو.











