سينيٽ اجلاس ۾ انڪم ٽيڪس فائلرز کي ايف بي آر طرفان بئنڪ بلينس تي ٻڌل ايس ايم ايس موڪلڻ جي معاملي تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي تفصيلي بحث

اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ اجلاس ۾ گذريل ڏينهن انڪم ٽيڪس فائلرز کي ايف بي آر طرفان بئنڪ بلينس تي ٻڌل ايس ايم ايس موڪلڻ جي معاملي تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي تفصيلي بحث ٿيو. ڌيان ڇڪايو نوٽيس سينيٽر اسد قاسم پيش ڪيو، جنهن ان قدم کي شهرين جي مالياتي رازداري جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. سينيٽر اسد قاسم ايوان کي ٻڌايو ته ايف بي آر طرفان ٽيڪس ڏيندڙن …

اسلام آباد-05 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ اجلاس ۾ گذريل ڏينهن انڪم ٽيڪس فائلرز کي ايف بي آر طرفان بئنڪ بلينس تي ٻڌل ايس ايم ايس موڪلڻ جي معاملي تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي تفصيلي بحث ٿيو. ڌيان ڇڪايو نوٽيس سينيٽر اسد قاسم پيش ڪيو، جنهن ان قدم کي شهرين جي مالياتي رازداري جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو. سينيٽر اسد قاسم ايوان کي ٻڌايو ته ايف بي آر طرفان ٽيڪس ڏيندڙن کي سندن بئنڪ بئلينس بابت پيغام موڪلڻ غير مناسب آهي. هن چيو ته ماڻهو پنهنجا بئنڪ اڪائونٽس پنهنجي گهروارين کان به لڪائيندا آهن، ايف بي آر جي اها مداخلت غير ضروري ۽ رازداري جي اصولن خلاف آهي. وفاقي وزير طارق فضل چوڌري وضاحت ڏيندي چيو ته ايف بي آر کي قانون موجب ٽيڪس ڏيندڙن کان معلومات طلب ڪرڻ جو مڪمل اختيار حاصل آهي. هن چيو ته ايف بي آر طرفان موڪليل ايس ايم ايس صرف انهي اڪائونٽ هولڊرز کي اماڻجي ٿو جن جي ٽيڪس رٽرن ۽ بئنڪ بيلنس ۾ واضح فرق ڏٺو ويو آهي. هي قدم قانون جي دائري ۾ رهي ڪيو ويو آهي. وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ به ايوان کي ٻڌايو ته ٽيڪس عملدار پنهنجي قانوني اختيارن تحت ڪارروائي ڪن ٿا ۽ ٽيڪس چوري هڪ سنگين ڏوهه آهي. هن چيو ته ايئن نٿو ٿي سگهي ته ايف بي آر ٽيڪس ڏيندڙن کان پڇي ئي نه. ادارو قانون موجب ڪم ڪري رهيو آهي، بحث دوران پرزائيڊنگ آفيسر معاملو وڌيڪ جائزي لاءِ سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي حوالي ڪري ڇڏيو.