اسلام آباد-05 ڊسمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، ميجر محمد اڪرم شهيد(نشان حيدر) جي 54 هين شهادت واري ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر محمد اڪرم شهيد جي لازوال قرباني کي خراج پيش ڪريان ٿو. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ميجر اڪرم شهيد جي بهادري پاڪستان جي عسڪري تاريخ جو سنهرو باب آهي. ميجر محمد اڪرم شهيد معرڪه هلي ۾ دشمن …
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر طرفان ميجر محمد اڪرم شهيد جي 54هين شهادت واري ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش
اسلام آباد-05 ڊسمبر(اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، ميجر محمد اڪرم شهيد(نشان حيدر) جي 54 هين شهادت واري ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر محمد اڪرم شهيد جي لازوال قرباني کي خراج پيش ڪريان ٿو. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ميجر اڪرم شهيد جي بهادري پاڪستان جي عسڪري تاريخ جو سنهرو باب آهي. ميجر محمد اڪرم شهيد معرڪه هلي ۾ دشمن جا ڪيترائي حملا ناڪام بڻايا. هن 1971ع جي جنگ ۾ دشمن کي وڏو نقصان پهچايو. قوم پنهنجي عظيم هيرو کي هميشه ياد رکندي. اسپيڪر سردار اياز صادق، شهيد ميجر محمد اڪرم(نشان حيدر) جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.











