اسلام آباد - 05 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري فن لينڊ جي 108هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي صدر اليگزينڊر اسٽب جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي، تعاون ۽ گڏيل لاڳاپن جي فروغ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هو حڪومت، …
صدر آصف علي زرداري پاران فن لينڊ جي 108هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي صدر اليگزينڊر اسٽب جي نالي مبارڪباد جو پيغام
اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري فن لينڊ جي 108هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي صدر اليگزينڊر اسٽب جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي، تعاون ۽ گڏيل لاڳاپن جي فروغ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هو حڪومت، پاڪستان جي عوام ۽ پنهنجي پاران صدر اسٽب ۽ فن لينڊ جي عوام کي آزادي جي ڏهاڙي جي خوشي جي تقريبن تي دلي مبارڪباد پيش ڪري ٿو. هن چيو ته آزادي کانپوءِ فن لينڊ تعليم، ٽيڪنالاجي، تحقيق، بايو ٽيڪنالاجي ۽ ٻيلن جي تحفظ سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ نمايان ترقي حاصل ڪئي آهي جڏهن ته عالمي خوشحالي انڊيڪس ۾ مسلسل 8 سال پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ فن لينڊ جي عوام جي صلاحيت ۽ تخليقي قوتن جو ثبوت آهي. هن چيو ته پاڪستان فن لينڊ سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ ٻئي ملڪ اهم عالمي معاملن تي هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته جمهوريت جو فروغ ۽ معاشي آزادي ٻنهي ملڪن جا گڏيل قدر آهن. هن ڪاروباري سرگرمين جي فروغ، تعليم، ماحوليات، ڊيجيٽلائيزيشن، کاڻين جي کوٽائي ۽ ٽيلي ڪيونيڪشنز جي شعبن ۾ تعاون جي وسيع امڪانن جي نشاندهي ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، واپاري ۽ عوامي رابطن جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته پاڪستان ۽ فن لينڊ جا دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.











