وزيراعظم شهباز شريف پاران فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي پاڪستان جو پهريون چيف آف ڊفينس فورسز مقرر ٿيڻ تي مبارڪون

اسلام آباد - 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي پاڪستان جو پهريون چيف آف ڊفينس فورسز مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته چيف آف ڊفينس فورسز جي مقرري موجوده ۽ جديد جنگي گهرجن سان هم آهنگ آهي، ان سان ملڪ جو …

اسلام آباد – 04 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي پاڪستان جو پهريون چيف آف ڊفينس فورسز مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته چيف آف ڊفينس فورسز جي مقرري موجوده ۽ جديد جنگي گهرجن سان هم آهنگ آهي، ان سان ملڪ جو دفاع وڌيڪ بهتر ٿيندو. هن چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ اسان جي بهادر فوج دشمن کي عبرتناڪ شڪست ڏني. سندس قيادت ۾ معرڪه حق ۾ شاندار ڪاميابي سان پاڪستان جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ٿيو ۽ پاڪستان کي عزت ملي. وزيراعظم شهباز شريف چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو کي پڻ ملازمت جي مدي ۾ ٻن سالن جي توسيع تي مبارڪباد ڏيندي سندس جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ظهير احمد بابر سڌو جي قيادت ۾ پاڪ فضائيه معرڪه حق ۾ شاندار پيشيواراڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي دشمن جا جنگي هوائي جهاز تباهه ڪيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي دفاع، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ملڪ جا سمورا ادارا گڏجي ڪم ڪندا ۽ ملڪ جي دفاع کي گڏجي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائينداسين.